Posts

Showing posts from July, 2020

يوناني ڏندڪٿا ڪردار پروميٿيئس

Image
يوناني ڏند ڪٿائن ۾ انسان کي بڻائيندڙ ھڪ عظيم ڪردار پروميٿيئس ليکڪا : ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو  پروميٿيئس انسان کي ٺاهيندڙ ھڪ عظيم هيرو هو.ديوتائن ۽ ٽائٽن  Titan جي جنگ کانپوء زويس (ديوتا) ڌرتيء تي جيوت/زندگي پيدا ڪرڻ جي ذميواري پروميٿيئس ۽ ايپيٿيئس کي ڏني ۔ اهي ٻئي ڀائر هئا جن جو تعلق ٽائٽن خاندان سان هو. ٽائٽن ۽ ديوتائن جي جنگ ۾ انهن  ڀائرن ديوتائن جو ساٿ ڏنو۔  ان جي ڪري زويس انهن کي مائونٽ اولمپس ۾ رھڻ جي اجازت ڏني  ۽ ٻين سڀني ٽائٽنس کي ڌرتيء جي گهراين ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۔ى زويس کي خبر هئي ته اهي ٻئي ڀائر تمام وڏا ڪاريگر آھن  ۔ ان جي ڪري ئي هن ڌرتيء تي زندگي بڻائڻ جي ذميواري انهن ٻنهي ڀائرن کي ڏني ۔ ايپيٿيئس وڏي سمجهداري سان ڌرتيء تي سڄا جيت, جڻا، پکي پکڻ ۽ جانور ٺاهيا  ۽ وڏي سمجھداري سان انهن کي هڪ الڳ خوبي ڏني , جنهن ذريعي هو زمين تي پيدا ٿيندڙ ھر خطري کي اڪيلي ئي منهن ڏئي سگھن پر ايپيٿيئس انهن سڀني جاندارن جو دماغ تمام گھٽ رکيو ؤىٻئي پاسي پروميٿيئس صرف هڪ ئي جاندار انسان ٺاهيندو آھي ۽ پنهنجو سڄو وقت انسانن کي ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آھي ۔ پروميٿيئس انسان کي تمام گھڻو سمجهدار ۽ تيز دماغ وارو ٺا