Posts

Showing posts from May, 2022

مھان گيٽسبي

Image
  ڪھاڻي مھان گيٽسبي |سنڌيڪار: جوڳي اسد راڄپر مھان گيٽسبي مهان گيٽسبي کي سائي روشني ۾ يقين ھوندو ھيو. ھو روزانو شام جي پَھر ۾ پنھنجي محل جي سامھون نديءَ جي ھِن پارِ وار جيٽيءَ تي بيھي نديءَ جي ھُن پارِ پُراڻي امير ايسٽ ايگ ۾ اُن حويلي جي سائي روشنيءَ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو جنھن ۾ ڊيزي رھندي ھئي، ھو تيستائين جيٽيءَ تي بيٺو رھندو ھو جيستائين اُھا سائي بَتي ٻرھندي رھندي ھئي، ھو تيستائين نظر ٽِڪائي ان لائٽ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو. اتفاقاََ ڊيزيءَ جو ڪزن مسٽر ڪاراوي گيٽسبيءَ جو پاڙيسري ھيو، جنھن کي پنھنجي محل جي بالڪونيءَ مان گيٽس بي ڏسندو ھيو، ان ڏينھن نديءَ جي ڪناري دل لڀائيندڙ پَرين جي ٻوڏ لٿي ھئي جن کي ڪاراوي ڏسي رھيو ھو تہ ھن ڏٺو تہ ان قلعي نما ديوارن مان، ان حويليءَ مان ھن ڏانھن حويليءَ جو مالڪ نھاري رھيو ھو، ھو سندس پاڙيسري ھيو. ھڪ شام مسٽر ڪاراوي جڏھن گھر آيو تہ ھن ڌيان ڏنو تہ ھڪ آڪرتي اُڀري آھي سندس پاڙيسريءَ جي کڙڪيءَ تي ۽ ھن کي لڳو تہ اھو مسٽر گيٽسبي ھو، ھُو ڪنھن شيءَ ڏانھن پھچي رھيو رھيو ھو ھوڏانھن اوندھ ۾، اھا سائي روشني ھئي.   مسٽر ڪاراوي ڊيزي جو ڪزن 1922ع جي گرمين ۾ مسٽر