Posts

Showing posts from May, 2020

بي ترتيب خيال

Image
ڪَٺورِتا جو احساس جوڳي اسد راڄپر ميرواھ جي ھڪ جاءِ تي بيٺل ھڪ وڻ آھي، جنھن پاڻ ڏانھن ايندڙ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي اوٽَ ۾ ڇانوَ ڏني پنھنجو ميوو کارايو، اتي ايندڙ سڀئي ماڻھو ميوو کائي، ڇانورو وٺي ھليا ويا. ھڪ ڀيري ھڪ وڏو طوفان آيو، جنھنڪري ان وڻ کي پڻ تيز ھوائن وڏا لوڏا ڏنا، جھولا لڳڻ ڪري سوڪھڙي جي ڪري ان وڻ جا پَن ڇڻي رھيا ھيا ۽ وڃي ڪجھ بچيا ھيا، ماڻھو اتان ايندا ويندا رھيا پر ڪنھن بھ ماڻھوءَ ان وڻ جي سوڪھڙي ڏانھن نڪي ڌيان ڏنو نڪي وڻ کي پاڻي ڏنائون، وڻ سُڪڻ لڳو، زمين بنجر ٿيڻ لڳي ھئي، سنڌو درياھ منجھان پاڻي اچڻ گھٽجي ويو ھيو، ۽ انڪري ميرواھ ۾ بھ پاڻي سڦا گھٽ ايندو رھيو، وڻ پوريءَ ريت سُڪي ويو ھيو، ان جا پَن بھ ڇَڻي ويا ھيا، وڻ ھاڻي ٻُسو ٿي ويو ھيو، ان جا سُڪل ڏارَ پڻ ھيڻا ٿي ويا ھيا، تنھنڪري پَکي بھ ان وڻ تي پنھنجا آکيرا ٺاھڻ جي آس ڇڏي نراش ٿي ٻئي پُرڳڻي ڏانھن پنھنجي ولر سان گڏ اُڏري ھليا ويا. ھن وڻ ڀرسان ٻيا وڻ پڻ سُڪي ويا ھيا، ھي وڻ اڪيلو ۽ بلڪل ويڳاڻو ٿي ويو ھيو، جيئن تھ ھاڻي ھو سُڪي ويو ھيو ۽ ان جا ڏارَ پَن ڇڻڻ جي ڪري ٺوڙھا ٿي ويا ھيا ۽ ان جي ڇانوَ بھ نھ رھي ھئي تھ ماڻھو پڻ ان ڏان

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Image
 بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾)   سکي سگھو ٿا  جوڳي اسد راڄپر ڀاڱو ٽيون ھڪ وڏي تعداد ۾ مفت ٽولز ۽ ڪورسز  آن لائن موجود آھن، ڪيتريون ئي مھارتون (ھنر، اسڪلز) آھن جيڪي توھان سِکي سگھو ٿا ۽ ھڪ بھتر فريلانسر ٿي سگھو ٿا ۽ توھان جي لاءِ روزي ڪمائڻ جي نوَن موقعن پيدا ٿيڻ جا امڪان ٿي سگھن ٿا . خاص طور تي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي منصوبن ۾ واڌاري جي گنجائش آهي- مثال طور، ويب ڊزائين ۽ ڪاپي رائيٽنگ، يا اينڊرائيڊ ۽ گرافڪ ڊيزائن لاءِ ڪوڊنگ-  جن ۾اضافي مهارت حاصل ڪرڻ يا سِکڻ سان شايد توهان جي آمدني ۽ بازاريت (مارڪيٽيبل) ۾ اُھي واڌ ڪرڻ ۾ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا،  انهن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائي توھان پنهنجو ڪِرايو ادا ڪريو يا دنيا جو سفر ڪري سگھو ٿا . فريلانسرز جي لاءِ هتي ويھ وڏيون قيمتي اعليٰ صلاحيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي توهان مڪمل طور تي مفت سکي سگهندا ۽ توھان پنهنجي ڪاروبار لاءِ نون امڪانن جي دنيا جا دروازا کولي سگهندا .     Coding   ڪوڊنگ ڪوڊنگ بنيادي طور ڪمپيوٽر سافٽويئر پروگرامنگ جو اصطلاح آھي، ۽ ڪوڊنگ گھڻي ريت ڪمپيوٽر، آءِ ٽي، سافٽويئر انجنيئرنگ گريجوئيٽ جو پروفيشنل ڪم آھي، پر ٻ

فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي ج ا ر

Image
فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي ڀاڱو پھريون دُنيا جي ڪيترن ئي ڏِيھَن (مُلڪن) ۾ فريلانسنگ گھڻو اڳ رائج ٿيل آھي ۽ ڪيترائي ھنرمند ماڻھو پنھنجو پورھيو کي پنھنجي مرضي مطابق سولائي واري وقت ۾ ڪري پئسو ڪمائي رھيا آھن. اسان وٽ خاص طور انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪم ويجھر جي ڪجھ سالن ۾ شروع ٿيو آھي، انڊيا ۽ پاڪستان ان ڪم جي فھرست وارن مُلڪن ۾ ٽاپ ٽين مُلڪن ۾ پڻ شامل آھن. اچو ته ھاڻي اھو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته فريلانسنگ ڇا آھي، ڪھڙا ھنر سِکي اھو ڪم ڪري سگھجي ٿو ۽ ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿو. فريلانسنگ آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ کي سڏجي ٿو فريلانس جي ڪم ۾ توھان پنھنجا باس پاڻ آھيو، توھان 24 ڪلاڪ منجھان پنھنجي مرضيءَ واري وقت ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ ڪم ڪري سُٺو پئسو ڪمائي سگھو ٿا ۽ باقي بچيل وقت پنھنجي ڪُٽنب ( فيملي ) کي ڏئي يا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھو ٿا، ڪُجھ ماڻھو جيڪي باقائدي سان 9 کان 5 بجي تائين ملازمت ڪن ٿا اھي پڻ فريلانسگ ڪندا آھن پر گھڻي ريت فريلانس ڪم ڪندڙ 9 کان 5 وڳي تائين واري نوڪري ناھين ڪندا. سنڌي ٻولي ۾ ھن قسم جي معلومات توھان کي پڙھڻ لاءِ سڦا گھ