Posts

Showing posts with the label Technology

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Image
 بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾)   سکي سگھو ٿا  جوڳي اسد راڄپر ڀاڱو ٽيون ھڪ وڏي تعداد ۾ مفت ٽولز ۽ ڪورسز  آن لائن موجود آھن، ڪيتريون ئي مھارتون (ھنر، اسڪلز) آھن جيڪي توھان سِکي سگھو ٿا ۽ ھڪ بھتر فريلانسر ٿي سگھو ٿا ۽ توھان جي لاءِ روزي ڪمائڻ جي نوَن موقعن پيدا ٿيڻ جا امڪان ٿي سگھن ٿا . خاص طور تي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي منصوبن ۾ واڌاري جي گنجائش آهي- مثال طور، ويب ڊزائين ۽ ڪاپي رائيٽنگ، يا اينڊرائيڊ ۽ گرافڪ ڊيزائن لاءِ ڪوڊنگ-  جن ۾اضافي مهارت حاصل ڪرڻ يا سِکڻ سان شايد توهان جي آمدني ۽ بازاريت (مارڪيٽيبل) ۾ اُھي واڌ ڪرڻ ۾ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا،  انهن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائي توھان پنهنجو ڪِرايو ادا ڪريو يا دنيا جو سفر ڪري سگھو ٿا . فريلانسرز جي لاءِ هتي ويھ وڏيون قيمتي اعليٰ صلاحيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي توهان مڪمل طور تي مفت سکي سگهندا ۽ توھان پنهنجي ڪاروبار لاءِ نون امڪانن جي دنيا جا دروازا کولي سگهندا .     Coding   ڪوڊنگ ڪوڊنگ بنيادي طور ڪمپيوٽر سافٽويئر پروگرامنگ جو اصطلاح آھي، ۽ ڪوڊنگ گھڻي ريت ڪمپيوٽر، آءِ ٽي، سافٽويئر...

فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي ج ا ر

Image
فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي ڀاڱو پھريون دُنيا جي ڪيترن ئي ڏِيھَن (مُلڪن) ۾ فريلانسنگ گھڻو اڳ رائج ٿيل آھي ۽ ڪيترائي ھنرمند ماڻھو پنھنجو پورھيو کي پنھنجي مرضي مطابق سولائي واري وقت ۾ ڪري پئسو ڪمائي رھيا آھن. اسان وٽ خاص طور انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪم ويجھر جي ڪجھ سالن ۾ شروع ٿيو آھي، انڊيا ۽ پاڪستان ان ڪم جي فھرست وارن مُلڪن ۾ ٽاپ ٽين مُلڪن ۾ پڻ شامل آھن. اچو ته ھاڻي اھو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته فريلانسنگ ڇا آھي، ڪھڙا ھنر سِکي اھو ڪم ڪري سگھجي ٿو ۽ ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿو. فريلانسنگ آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ کي سڏجي ٿو فريلانس جي ڪم ۾ توھان پنھنجا باس پاڻ آھيو، توھان 24 ڪلاڪ منجھان پنھنجي مرضيءَ واري وقت ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ ڪم ڪري سُٺو پئسو ڪمائي سگھو ٿا ۽ باقي بچيل وقت پنھنجي ڪُٽنب ( فيملي ) کي ڏئي يا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھو ٿا، ڪُجھ ماڻھو جيڪي باقائدي سان 9 کان 5 بجي تائين ملازمت ڪن ٿا اھي پڻ فريلانسگ ڪندا آھن پر گھڻي ريت فريلانس ڪم ڪندڙ 9 کان 5 وڳي تائين واري نوڪري ناھين ڪندا. سنڌي ٻولي ۾ ھن قسم جي معلومات توھان کي پڙھڻ لاءِ سڦا گھ...

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

Image
سنڌي وڪيپيڊيا  تي ڀاڱيداريون ڪريو، سنڌي وڪيپيڊيا کي ترقي ڏيارڻ ۾ پنھنجو فرض ۽ ڪردار نڀايو جوڳي اسد راڄپر جيڪڏھن توھان سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ چاھيو ٿا/ٿيون تہ ان لاءِ ھي مضمون توھان جي رھنمائي ڪندو سنڌي وڪيپيڊيا   جو ويب يوآرايل ھن ريت آھي https://sd.wikipedia.org سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ لاءِ توھان وٽ وڪيپيڊيا کاتو (اڪائونٽ) ھجڻ گھڻو ئي لاڀائتو آھي،پر جيڪڏھن کاتو ناھي پوءِ بھ توھان مضمون لکي سگھو ٿا پر اھو طريقو گھڻو ساراھيو ناھي ويندو . مرحلو پھريون : سڀ کان اڳ توھان پنھنجو وڪيپيڊيا کاتو (اڪائونٽ) ٺاھيو سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو ٺاھڻ جي لاءِ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي مُک پَنو تي وڃو ۽ مٿي کاٻي پاسي تي ھڪ بٽڻ ملندو کاتو . ٺاھڻ لاءِ ان تي وڃي توھان کاتو ٺاھي سگھو ٿا. ان لاءِ ھي ھڪ سکيا وڊيو ڏسو   توھان يوٽيوب تي سنڌي وڪيپيڊيا چينل تي سکيا وڊيو ڏسو ھڪ وڊيو ھوندو سنڌي وڪيپيڊيا تي اڪائونٽ ڪيئن ٺاھجي؟. بابت مرحلو ٻيو : ھاڻي جيئن تھ توھان جو سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو ٺھي چُڪو آھي تنھنڪري توھان ھاڻي ڪنھن بھ ماڳ، جڳھ، ملڪ، ماڻھو (جيڪو معروف ھج...

انٽرنيٽ جي جديد دور ۾ آن لائن ڄاڻ جو مُفت خزانو وڪيپيڊيا جوڳي اسد راڄپر

Image
جوڳي اسد راڄپر وڪيپيڊيا هڪ گُهڻ ٻوليائي، ويب تي جُڙيل، مفت ۽ آزاد مواد انسائيڪلوپيڊيا پروجيڪٽ آهي، جيڪو وڪيذريعات پيڙهڪا ( وڪيميڊيا فائونڊيشن ) طرفان سهائتا ماڻيل ۽ کُلي عام سنوار يا ترميم جي لائق مواد جي ماڊل تي ٻَڌل آهي. “وڪيپيڊيا” جو نالو وڪي لفظن (وڪي جنهن وسيلي گڏيل ويب سائٽ بڻائڻ لاءِ هڪ ٽيڪنالاجي آهي، وڪي هوائي ٻولي جي لفظ وڪي منجهان ورتل آهي، جنهن جو مطلب “تيز، ڦُڙتيلو، تُرت، انگريزي ۾ ڪوئيڪ” آهي) جو هڪ مجموعو ۽ مُفت آن لائن انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن کي ڪير به سنواري سگهي ٿو. وڪيپيڊيا وڏي پيماني تي گمنام رضاڪارن جي سهڪار سان لکي ويندي آهي جيڪي بنا ڪنهن پگهار جي وڪيپيڊيا تي مضمون لکندا آهن. انٽرنيٽ تائين پهچ رکندڙ ڪوبہ ماڻهو وڪيپيڊيا تي مضمون لکي سگهي ٿو ۽ تبديليون، سنوارون، مواد ۾ سُڌارا آڻي سگهي ٿو، سواءِ ڪُجهہ محدود معاملن ۾ جتي رڪاوٽ يا ٽوڙ ڦوڙ ( تخريبڪاري يا جنهن کي ايئن بيان ڪجي تہ مواد کي خراب ڪرڻ) شامل هجي انهن معاملن ۾ کيس تي ترميم ڪرڻ تي روڪ يا بندش وجهي سگهجي ٿي. وڪيپيڊيا کي استعمال ڪندڙ، جن کي انگريزي ۾ يوزر سنڌي ۾ واپرائيندڙ سڏيو ويندو آهي سي ...

انٹرنیٹ کے جدید دور میں آن لائن معلومات کا مفت خزانہ ویکیپیڈیا

Image
انٹرنیٹ کے جدید دور میں آن لائن معلومات کا مفت خزانہ ویکیپیڈیا مصنف جوگی اسد راجپر ویکیپیڈیا ایک جامع ویب، آزاد اور کھلا مواد انسائیکلوپیڈیا پروجیکٹ ہے، جسے وکیمیڈیا فاؤنڈیشن کے ذریعے سپورٹ کیا گیا ہے اور انتہائی عام ترمیم یا قابل تدوین کردہ مواد پر ماڈل بنایا گیا ہے۔ لفظ "ویکیپیڈیا" ویکیپیڈیا کا ایک مجموعہ ہے (وکیز ایک ایسی ٹیکنالوجی ہے جو مشترکہ ویب سائٹ بنانے کے لئے استعمال ہوتا ہے، ویکی کا لفظ ہوائی زبان کے وکی سے لیا گیا ہے، جس کا مطلب ہے "تیز،   انگریزی میں کوئیک")۔ مفت آن لائن انسائیکلوپیڈیا جسے کوئی بھی ترمیم   کر سکتا ہے۔ ویکیپیڈیا کو گمنام رضاکاروں کی مدد سے وسیع پیمانے پر لکھا گیا ہے جو بغیر کسی تنخواہ کے ویکیپیڈیا پر مضامین لکھتے ہیں۔ انٹرنیٹ تک رسائی رکھنے والا ہر شخص ویکیپیڈیا کے مضامین لکھ سکتا ہے اور تبدیلیاں، اصلاحات، مواد میں ترمیم کرسکتا ہے، سوائے ان محدود معاملات میں جہاںرکاوٹ یا مواد میں توڑ پھوڑ (تخریب کاری) کو روکنے کے لئے   ان معاملات میں اس کو روکنے یا اس پر پابندی عائد کی جاسکتی ہے۔ وکی پیڈیا کے صارفین، جنہیں انگریزی م...