Posts

Showing posts from July, 2022

سام دام ڏنڊ ڀيد جو ارٿ ڇا آھي

Image
  جوڳي اسد راڄپر سام دام ڏند ڀيد [साम दाम दंड भेद] جي  معنيٰ ڇا آهي؟ 1.سام साम [مشورو ڏيڻ يا سمجھائڻ] (سمجھائِڻُ، سرچاءُ ڪرڻ، يا ٺارڻ، اَڻ-اڳرائي وارو ٺاھ، سيکارڻ) چانڪيا جي پهرين سفارتي اصول سام جو مطلب آهي ڀائپي، سرچاءُ، اَڻ ـ اَڳرائي وارو ٺاھ، سکيائن جي وسيلي پنھنجا ويچار پڌرا ڪرڻ. اهو نيتي (اصول) ڪنهن به مسئلي جو اُپاءُ ڳالهين ذريعي يا پرشانت ڳالهين ۽ گڏجاڻين وسيلي ڪڍي سگهي ٿو. اهو چانڪيا جو پهريون سفارتي اصول آهي جيڪڏهن اهو ڪم اچي تہ توهان ٻيون نِيَم کڻو جيڪو هيٺ ڏنل آهي. پاليسي جو استعمال مشوري، سمجھائڻ يا پرامن ڳالهين يا نبيري  ذريعي ڪيو ويندو آھي. 2. دام दाम [خريد ڪرڻ يا رشوت ڏيڻ] سوکڙي پاکڙي ، رشوت ، پئسو ، ورڇ ، ڪشش چانڪيا جي ٻئين سفارتي نِيَم دام جو مطلب آهي پئسو ڏوڪڙ، زيور، ملڪيت، سُوکڙي يا ڪنهن به لوڀ يا ڪشش جي ذريعي ڪنهن کي رشوت ڏيڻ، جڏھن پھريون نيم ڪم نٿو اچي تہ اها لوڀ يا ڪشش توهان جي مسئلن جو حل پراپت ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلي طور ڪم ڪري ٿي.  پئسي، ملڪيت، لوڀ، يا ڪشش جي ڪنهن به وسيلو ذريعي ڪم ڪرڻ لاءِ پاليسي استعمال ھيٺ ايندي آهي. 3. ڏنڊ दंड [سزا ڏيڻ يا ڌمڪائڻ] سَگھ ، سيکَ