Posts

Showing posts from 2020

شادي وھانءُ رشتن ڪرڻ ۾ دير جا ڇا ڪارڻ آھن

Image
* ٿورو سوچيو * * نياڻين کي پنھنجي مرضيءَ سان #شادي نه ڪرائڻ جو ڏوھ زنده دفنائڻ کان گھٽ ڪونھي ۔  نياڻين کي نه رڳو پڙھائي ھنن کي تعليم ۽ شعور سان روشناس ڪرايو، پر ان سان گڏوگڏ  شادي جي رسمن رواجن کي برقرار رکندي ھنن جي راءء،  پسند ۽ ناپسند  پڇڻ ۽ ٻڌڻ  شفيق پيءُ ۽ ماءُ جو فرض ھجڻ گھرجي۔ * * ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري مائرُن کي سوچڻ کپي تہ سندن لاڏليون 18،19،20،21،22،23،24،25،26،27،28،29،30 31 سال جون جوڀن جواني واري ڄمار ۾ داخل ٿي چڪيون آھن اھو ئي درست وقت آھي تہ سندن لاءِ ڪو سُٺو، سلڇڻو، پڙھيو لکيو ڇوڪرو ڳولھين يا جيڪڏھن سندن نياڻين جي نظر ۾ ڪو اھڙو آھي تہ انھن کان پڇا ڪن، ڇوڪرين ۽ انھن جي مائٽن کي ھڪٻئي سان دوستاڻو ماحول ٺاھڻ کپي ۽ اھڙي ڪا ڳالھ ھڪٻئي کي ٻُڌائڻ ۾ ڪابہ ھٻڪ نہ ڪرڻ کپي، ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري امڙين ۽ ڇوڪرين کي پڻ سوچڻ کپي تہ ريڊي ميڊ مال دولت وارو ڪير بہ ناھي ھوندو، اڪثر ڇوڪرا سيلف ميڊ پڻ ھوندا آھن، تنھنڪري جيئن ئي ڪو رشتو توھان جي نياڻي لاءِ اچي تہ انھن ک ست اَٺ مھينن يا سال جا سال انتظار نہ ڪرايو جيترو جلد ٿي سگھي پنھنجي نياڻي لاءِ شادي جو آيل پروپوزل کي سويڪار (قبول) ڪري

آن لائن سنڌي ڊڪشنريون، ڪي بورڊ ۽ ٻيا ڪارائتا وسيلا

Image
What tools I utilize to translate content from English to Sindhi vice versa #SindhiTranslations, #GoogleTranslate, #SindhiDictionary, #SindhiKeyboard, #Translations, #Transliterations, #Helpcontent,  #SindhiLanguageEngineering, #SindhiLanguage, #SindhiWikipedia, #SindhiWiktionary, #JogiAsadRajpar, #JAR, #SindhiWikimedians انگريزي کان سنڌي، سنڌي کان انگريزي ترجميڪاري ڪرڻ مھل آئون ڪھڙا اوزار (ذريعا) استعمال ڪندو آھيان.    مانوارا پيارا سنڌي ساٿيو،   جيئي سنڌ، جيئي لطيف، جيـئي جھولي لعل، جيئي سنڌيت، جيئي سنڌي ٻولي، جيئي سنڌي لِپي. اسلام عليڪم، نمسڪار، رام رام، ھري اوم.  جيئن تہ آئون #گوگل_ترجمو کي بھتر ڪرڻ، #وڪيميڊيا_ڪامنز، #ميٽا-وڪي، سميت ٻين وڪيز وغيرھ تي سانچن، ماڊيولز، پيجز وغيرھ جي متن، جملن، ۽ لفظن کي #انگريزي مان #سنڌيءَ ۾ #ترجمو ڪندو رھندو آھيان، ان لاءِ آئون مختلف آن لائن ذريعا استعمال ڪندو آھيان، توھان کي پڻ اھا ڄاڻ ڏيڻ چاھيان ٿو صرف ان سُٺي نيت سان Assuming a good faith تہ جيئن توھان پڻ ان طريقي ڪار جي پيروي ڪري، سنڌي انگريزي، انگريزي سنڌي ترجميڪاريون گوگل ترجمو، #وڪي_ڪامنز، #م

تجربي کانسواءِ جاب يا انٽرنشپ ڪيئن حاصل ڪجي

Image
تجربي کانسواءِ نوڪري ڪيئن ماڻجي؟  How to get a job without experience?  جڏھن ڪوبہ اميدوار ڪنھن نوڪري (ملازمت/جاب) لاءِ ڪوشش ڪري تہ کيس کان گھربل تعليم، ھنر (اسڪلز) ۽ تجربو گھريو ويندو آھي.  ھڪ عام اميدوار کي نوڪرين ۾ درخواست ڏيڻ وقت جيڪو وڏو مسئلو پيش اچي ٿو سو ھوندو آھي تجربو، ھاڻي تعليم  ۽ ھنر (اسڪلز) تہ تعليمي ادارن يا آن لائن وسيلن منجھان ماڻي سگھجن ٿيون پر تجربو ڪٿان آڻجي؟ ان سوال جو حل جيسيتائين حڪومت، تعليمي ادارا ڪڍن تيسين اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پاڻ ان جا متبادل حل ڳولھين.  حڪومت صنعتن کي پابند بڻائي تہ اھي تعليمي ادارن ۾ فارغ ٿيل ۽ آخري سال ۾ پڙھندڙ شاگردن، شاگردياڻين کي سيکڙاٽ (انٽرنشپ تحت انٽرني) طور ڀرتي ڪن ۽ تعليمي ادارا پڻ صنعتن سان اھڙا ٺاھ (معاھدا) ڪن.   جيڪڏھن اميدوار تجربو نہ ھئڻ سبب پنھنجي لاڳاپيل پسند جي شعبي ۾ روزگار ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رھيا آھن تہ انھن  اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پنھنجي پسند جي شعبي ۾ رضاڪار (والنٽئر Volunteer) طور خدمتون آڇين. انھيءَ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪرڻ سان توھان کي اھو فائدو رسندو تہ توھان کي حقيقي زندگي ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ملندو، جنھن سان گڏوگڏ تو

يوناني ڏندڪٿا ڪردار پروميٿيئس

Image
يوناني ڏند ڪٿائن ۾ انسان کي بڻائيندڙ ھڪ عظيم ڪردار پروميٿيئس ليکڪا : ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو  پروميٿيئس انسان کي ٺاهيندڙ ھڪ عظيم هيرو هو.ديوتائن ۽ ٽائٽن  Titan جي جنگ کانپوء زويس (ديوتا) ڌرتيء تي جيوت/زندگي پيدا ڪرڻ جي ذميواري پروميٿيئس ۽ ايپيٿيئس کي ڏني ۔ اهي ٻئي ڀائر هئا جن جو تعلق ٽائٽن خاندان سان هو. ٽائٽن ۽ ديوتائن جي جنگ ۾ انهن  ڀائرن ديوتائن جو ساٿ ڏنو۔  ان جي ڪري زويس انهن کي مائونٽ اولمپس ۾ رھڻ جي اجازت ڏني  ۽ ٻين سڀني ٽائٽنس کي ڌرتيء جي گهراين ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۔ى زويس کي خبر هئي ته اهي ٻئي ڀائر تمام وڏا ڪاريگر آھن  ۔ ان جي ڪري ئي هن ڌرتيء تي زندگي بڻائڻ جي ذميواري انهن ٻنهي ڀائرن کي ڏني ۔ ايپيٿيئس وڏي سمجهداري سان ڌرتيء تي سڄا جيت, جڻا، پکي پکڻ ۽ جانور ٺاهيا  ۽ وڏي سمجھداري سان انهن کي هڪ الڳ خوبي ڏني , جنهن ذريعي هو زمين تي پيدا ٿيندڙ ھر خطري کي اڪيلي ئي منهن ڏئي سگھن پر ايپيٿيئس انهن سڀني جاندارن جو دماغ تمام گھٽ رکيو ؤىٻئي پاسي پروميٿيئس صرف هڪ ئي جاندار انسان ٺاهيندو آھي ۽ پنهنجو سڄو وقت انسانن کي ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آھي ۔ پروميٿيئس انسان کي تمام گھڻو سمجهدار ۽ تيز دماغ وارو ٺا

مڙس وڪرو لاءِ

Image
* مُڙس وڪرو لاءِ * بازار ۾ ھڪ نئون دُڪان کُليو ھيو، جِتي مُڙس وِڪرو ڪيا ويندا ھُيا، اُنَ ھَٽَ (دُڪان) جي کُلڻ سان ئي زائفائن (نارين، اِسرتين، عورتن) جو ھُجوم بازار ڏانھن ھَلي پيو، سڀئي دُڪان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بي چين ھُيون  دُڪَانَ جي داخلي دَرَ وَٽِ تخطي (بورڊ) تي ڪُجھ * ھِدايَتُون ۽ شَرِطُون * لِکِيَل ھُيون :   ھِن دُڪان ۾ ڪا بہ اِستري (#عورت) يا ناري (ڇوڪري) رُڳو ھڪ ڀيرو ئي داخل ٿي سگھي ٿي، ھي دُڪان ڇَھن ماڙين (منزلن)  تي پکڙيل آھي ۽ ھر ماڙِيءَ (منزل) تي مُڙِسالن (گھوٽَنِ) جي قِسمَن بابت ڳُڻَ (خاصيتون، فيئچرز) لکيل آھن. خريدار عورت ڪنھن بہ ماڙِيءَ تان مُڙِسَالو (گھوٽَ) جي چُونڊ ڪري سگھن ٿيون   پَر ھِڪُ ڀِيرَو مَٿِي وڃَڻ کانپوءِ ٻيھَر ھيٺِ نٿي اچي سگھي سواءِ ٻاھر نِڪرڻ جنھن لاءِ دَروازو اڳيان ملندو   ھُجومَ مان ھِڪَ سُھِڻي (خوبصورت) ناري (ڇوڪري) ءَ کي دُڪانَ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مِلي ويو سا ھَلَندي وئي ۽ ڏِٺو تہ  پَھرئين ماڙِ (منزل) جي دَر تي لکيل ھُيو   “ جا مُڙِسَ سُٺي روزگار وارا ۽  (اللہ، ڀڳوان) جا نيڪ ٻانھا آھن  ھن ماڙِ   ” * ناري اڳتي وَڌي وئي ....* ٻِئي ماَڙِ جي دروازي تي ل

آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان

Image
آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان! سنڌيڪار ج ا ر مُلان، پنڊت، پادي ھر ڀيري چوندا آھن تہ تقدير، قسمت، نصيب خدا (ڀڳوان، ايشور) جي ھٿ ۾ آھي. پيدائش ۽ موت جو وقت مقرر آھي، آزمائشون ۽ پريشانيون خدا جي طرفان اينديون آھن. خدا قادر مطلق (اومني پوٽينٽ  omnipotent) آھي ۽ ھر شيءِ جو علم رکندڙ عالم ڪُل (Omniscient) آھي. انسان گُناھ ڪري ٿو، پر ھر گناھ انسان جو انفرادي فعل يا عمل (ڪم) آھي ۽ اُن جي گناھ ۾ نيڪ خدا (Good God) جو ڪوبہ ھٿ يا مرضي ناھي، خدا ڪنھن کان گناھ ناھي ڪرائيندو، نڪي پاڻ گناھ (بَدي) ڪري سگھي ٿو، پر ھر انسان پنھنجي خواھشن کان مجبور ٿي گُناھ ڪري ٿو. ھيٺ ٻہ مثال (تمثيل) پيش ڪجن ٿا، جنھن سان ھڪجھڙائي (ملندڙ جُلندڙ) رکندڙ واقعا اسان بار بار زندگيءَ ۾ ڏسندا رھندا آھيون. 1. جيڪڏھن خدا جي مرضيءَ کان بغير ھڪ پَتو بہ چُري نٿو سگھي تہ پوءِ جيڪو ماڻھو ڪوئي بہ گناھ (قتل، زنا، چوري وغيرھ) ڪري ٿو تہ ان ۾ خدا جي مرضي شامل ھُئي 2. ڪنول جي شادي گُلاب سان ٿي، گُلاب نشي جو عادي ھيو، ڪمائڻ بدران سڄو ڏينھن نشي ۾ ٻُڏل (دُت)  رھندو ھيو. ڪم ڪار، محنت مزدوريءَ سان سندس پَري تائين ڪو واسطو نہ ھيو. ڪنول جا ماءُ پيءُ

انساني سماج جو هڪ انمول ڪردار رسول بخش پليجو

Image
  انساني  سماج جو هڪ انمول  ڪردار رسول بخش پليجو   ليکڪا :ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو انسانن جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته روء زمين جي تاريخ ۾ ڪجھ اھڙا املھ انسان به پيدا ٿيا آھن جن نه صرف پنهنجي زندگي بدلائي پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ۽شناخت پيدا ڪئي پر پنهنجي سماج،ماڻھن،قوم ۽ هر مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي زندگي ۾ ھڪ نئون جوش ۽ جوت پيدا ڪئي۔ انهن املھ ماڻڪ موتين ۾ اسان جو رھبر سنڌ ۽ ايشيا جو عظيم ڏاھو رسول بخش پليجو پڻ نمايان حيثيت رکي ٿو . سنڌ جھڙي پوئتي پيل،ننڍڙي ۽ اڪيلي سماج ۾ پليجو صاحب جھڙي منفرد ڪردار،جاکوڙي رھبر،ڏاهي ۽ فطرتا غير معمولي ماڻھوء جو پيدا ٿيڻ ھڪ وڏي خوشنصيبي آھي۔ پليجو صاحب نه صرف پاڻ پنهنجي مزاج ۾ غير معمولي ماڻھو هو پر هو غير معمولي شين،ماڻھن،شاعرن،اديبن،اڳواڻن ۽ معاشرن جو پڻ عاشق هو.ھر اها شيء جيڪا مختلف ۽ نرالي هجي پليجو صاحب کي پسند هئي.پليجو صاحب سچو انقلابي هر حال ۾ پنهنجي مقصد سان سچو رھڻ،ڪتابن سان بي انتها چاھ رکڻ پاڻ ته علم جو سمنڊ ھو پر پاڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪنن کي ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي هميشه پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي تلقين ڪندو رهندو هو۔ ادب،شاعري،موسيقي،عورتون، ٻار ۽ ن

عطا محمد ڀنڀرو

Image
عطامحمد ڀنڀرو  ( انگريزي ٻولي : Atta Muhammad Bhanbhro)( جنم:01 فيبروري 1936ع-وفات: 03 جون 2020ع )      سنڌ جو ناميارو محقق، اتھاسڪار (تاريخدان)، سنڌيڪار ۽ قلمڪار، ھُيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. کيس حڪومت پاڪستان ايوارڊ ڏيڻ لاءِ پڻ منتخب ڪيو پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو شروعاتي جيون ۽ تعليم عطا محمد ڀنڀرو پھرئين فيبروي 1936 تي سوڀوديرو ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي ھڪ اسڪول منجھان حاصل ڪئي، ميٽرڪ جي تعليم گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ منجھان حاصل ڪيائين. بي اي جي ڊگري ممتاز ڪاليج خيرپور منجھان حاصل ڪيائين، ۽ وڪالت جي ڊگري ايل ايل بي ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ منجھان حاصل ڪيائين. قانون جي ڊگري ماڻڻ کانپوءِ وڪالت جي پريڪٽس گمبٽ ۾ ھڪ وڪيل ھادي بخش شيخ سان گڏ ڪيائين، ۽ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ وڪيل شيخ اياز سان پڻ گڏجي وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين.   ساھتي خدمتون عطا محمد ڀنڀرو 1967 ۾ ھڪ رسالو ھوشو   پڌرو ڪيو،   ھن پنھنجيون لکڻيون ھوشو رسالو سميت ٻين رسالن ۾ پڻ ڇپايون. 1980 ۾ ايراني ٻاراڻي ساھتيا جو ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيائين. ان سان گڏگڏ انگريزي ۽ روسي ٻولين

JogiAsadRajpar tweets

Here are my Tweets My Short intro pic.twitter.com/QWzfRtMB5Y — J('!')GiDr('!')D (@JogiAsadMirwahi) June 1, 2020

بي ترتيب خيال

Image
ڪَٺورِتا جو احساس جوڳي اسد راڄپر ميرواھ جي ھڪ جاءِ تي بيٺل ھڪ وڻ آھي، جنھن پاڻ ڏانھن ايندڙ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي اوٽَ ۾ ڇانوَ ڏني پنھنجو ميوو کارايو، اتي ايندڙ سڀئي ماڻھو ميوو کائي، ڇانورو وٺي ھليا ويا. ھڪ ڀيري ھڪ وڏو طوفان آيو، جنھنڪري ان وڻ کي پڻ تيز ھوائن وڏا لوڏا ڏنا، جھولا لڳڻ ڪري سوڪھڙي جي ڪري ان وڻ جا پَن ڇڻي رھيا ھيا ۽ وڃي ڪجھ بچيا ھيا، ماڻھو اتان ايندا ويندا رھيا پر ڪنھن بھ ماڻھوءَ ان وڻ جي سوڪھڙي ڏانھن نڪي ڌيان ڏنو نڪي وڻ کي پاڻي ڏنائون، وڻ سُڪڻ لڳو، زمين بنجر ٿيڻ لڳي ھئي، سنڌو درياھ منجھان پاڻي اچڻ گھٽجي ويو ھيو، ۽ انڪري ميرواھ ۾ بھ پاڻي سڦا گھٽ ايندو رھيو، وڻ پوريءَ ريت سُڪي ويو ھيو، ان جا پَن بھ ڇَڻي ويا ھيا، وڻ ھاڻي ٻُسو ٿي ويو ھيو، ان جا سُڪل ڏارَ پڻ ھيڻا ٿي ويا ھيا، تنھنڪري پَکي بھ ان وڻ تي پنھنجا آکيرا ٺاھڻ جي آس ڇڏي نراش ٿي ٻئي پُرڳڻي ڏانھن پنھنجي ولر سان گڏ اُڏري ھليا ويا. ھن وڻ ڀرسان ٻيا وڻ پڻ سُڪي ويا ھيا، ھي وڻ اڪيلو ۽ بلڪل ويڳاڻو ٿي ويو ھيو، جيئن تھ ھاڻي ھو سُڪي ويو ھيو ۽ ان جا ڏارَ پَن ڇڻڻ جي ڪري ٺوڙھا ٿي ويا ھيا ۽ ان جي ڇانوَ بھ نھ رھي ھئي تھ ماڻھو پڻ ان ڏان

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Image
 بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾)   سکي سگھو ٿا  جوڳي اسد راڄپر ڀاڱو ٽيون ھڪ وڏي تعداد ۾ مفت ٽولز ۽ ڪورسز  آن لائن موجود آھن، ڪيتريون ئي مھارتون (ھنر، اسڪلز) آھن جيڪي توھان سِکي سگھو ٿا ۽ ھڪ بھتر فريلانسر ٿي سگھو ٿا ۽ توھان جي لاءِ روزي ڪمائڻ جي نوَن موقعن پيدا ٿيڻ جا امڪان ٿي سگھن ٿا . خاص طور تي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي منصوبن ۾ واڌاري جي گنجائش آهي- مثال طور، ويب ڊزائين ۽ ڪاپي رائيٽنگ، يا اينڊرائيڊ ۽ گرافڪ ڊيزائن لاءِ ڪوڊنگ-  جن ۾اضافي مهارت حاصل ڪرڻ يا سِکڻ سان شايد توهان جي آمدني ۽ بازاريت (مارڪيٽيبل) ۾ اُھي واڌ ڪرڻ ۾ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا،  انهن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائي توھان پنهنجو ڪِرايو ادا ڪريو يا دنيا جو سفر ڪري سگھو ٿا . فريلانسرز جي لاءِ هتي ويھ وڏيون قيمتي اعليٰ صلاحيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي توهان مڪمل طور تي مفت سکي سگهندا ۽ توھان پنهنجي ڪاروبار لاءِ نون امڪانن جي دنيا جا دروازا کولي سگهندا .     Coding   ڪوڊنگ ڪوڊنگ بنيادي طور ڪمپيوٽر سافٽويئر پروگرامنگ جو اصطلاح آھي، ۽ ڪوڊنگ گھڻي ريت ڪمپيوٽر، آءِ ٽي، سافٽويئر انجنيئرنگ گريجوئيٽ جو پروفيشنل ڪم آھي، پر ٻ