يوناني ڏندڪٿا ڪردار پروميٿيئس






يوناني ڏند ڪٿائن ۾ انسان کي بڻائيندڙ ھڪ عظيم ڪردار پروميٿيئس
ليکڪا : ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو 
پروميٿيئس انسان کي ٺاهيندڙ ھڪ عظيم هيرو هو.ديوتائن ۽ ٽائٽن  Titan جي جنگ کانپوء زويس (ديوتا) ڌرتيء تي جيوت/زندگي پيدا ڪرڻ جي ذميواري پروميٿيئس ۽ ايپيٿيئس کي ڏني ۔ اهي ٻئي ڀائر هئا جن جو تعلق ٽائٽن خاندان سان هو.
ٽائٽن ۽ ديوتائن جي جنگ ۾ انهن  ڀائرن ديوتائن جو ساٿ ڏنو۔  ان جي ڪري زويس انهن کي مائونٽ اولمپس ۾ رھڻ جي اجازت ڏني  ۽ ٻين سڀني ٽائٽنس کي ڌرتيء جي گهراين ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۔ى
زويس کي خبر هئي ته اهي ٻئي ڀائر تمام وڏا ڪاريگر آھن  ۔ ان جي ڪري ئي هن ڌرتيء تي زندگي بڻائڻ جي ذميواري انهن ٻنهي ڀائرن کي ڏني ۔
ايپيٿيئس وڏي سمجهداري سان ڌرتيء تي سڄا جيت, جڻا، پکي پکڻ ۽ جانور ٺاهيا  ۽ وڏي سمجھداري سان انهن کي هڪ الڳ خوبي ڏني , جنهن ذريعي هو زمين تي پيدا ٿيندڙ ھر خطري کي اڪيلي ئي منهن ڏئي سگھن پر ايپيٿيئس انهن سڀني جاندارن جو دماغ تمام گھٽ رکيو ؤىٻئي پاسي پروميٿيئس صرف هڪ ئي جاندار انسان ٺاهيندو آھي ۽ پنهنجو سڄو وقت انسانن کي ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آھي ۔ پروميٿيئس انسان کي تمام گھڻو سمجهدار ۽ تيز دماغ وارو ٺاهيندو آھي ۔  پروميٿيئس ڪوشش ڪندو آھي ته انسانن کي ديوتائن جهڙو ٺاهي۔  جڏهن زويس انهن ٻنهي ڀائرن جو ڪم ڏسڻ ڌرتي تي ايندو آھي ته هو ايپيٿيئس جو ڪم ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آھي  پر پروميٿيئس جو ڪم ڏسي هو سوچ ۾ پئجي ويندو آھي ڇو ته پروميٿيئس انسان کي باقي جاندارن کان وڌيڪ سمجھدار بڻايو هو ۔ ان جي ڪري زويس ,پروميٿيئس کي چيو ته  تنهنجو ٺاهيل انسان ڪڏهن به مائونٽ اولمپس تي نٿو اچي سگهي ۽ انسانن کي هر روز ديوتائن جي پوڄا ڪرڻي پوندي ۔ جيتوڻيڪ انسان ٿورا وڌيڪ سمجھدار هئا پر اهي جسماني طور ايڏا طاقتور نه هئا ۽ انهن کي باقي جانورن کان ڊڄي ڪري ڌرتئ تي رهڻو پوندو هو.
اها ڳالھ پروميٿيئس کي صفا پسند نه هئي ڇو ته هن انسانن کي ٺاهيو هيو ۽ هن جو انسانن سان تمام گھڻو لڳاء هيو ۔  ان جي لاء پروميٿيئس ھيفائسٽس جي ڌنوڻيء مان باھ چورائي ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏي ۔  ان ماڻھن کي باھ جي استعمال ذريعي هٿيار ٺاھڻ ۽ کاڌو پچائڻ سيکاريو ۔ هاڻي انسانن وٽ باھ هئي ۔  باھ جي ذريعي هو اونداھ ۾ ڏسي سگھندا هئا ۽ پنهنجو پاڻ کي خطرناڪ جانورن کان بچائيندا هئا ۽ پنهنجي لاء کاڌو پچائي سگھندا هئا.
انکانپوء زويس, پروميٿيئس کي چيو ھاڻي انسانن لاء ديوتائن جي خدمت ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي ۽ ھاڻي انهن کي ديوتائن لاء ھڪ وڇڙي جي قرباني ڏيڻي پوندي  - پروميٿيئس چاهيو پئي ته وڇڙي جي قرباني ڏيڻ کانپوء انسانن کي وڌيڪ فائدو پهچي - ان جي لاء پرومي ٿيئس زوس سان هڪ چالاڪي ڪرڻ جو سوچيو  - ان وڇڙي جي قرباني ڏيڻ کانپوء وڇڙي جي گوشت کي ٻن حصن ۾ ورهايو.
پهرئين حصي کي هن هڏين سان  ڀري ڇڏيو جنهن جي مٿان وڇڙي جي کل ڏئي ڇڏيائين - جنهن ڪري اهو تمام وڏو پئي نظر آيو  ۔ ٻئي حصي کي هن گوشت سان ڀريو جنهن جي مٿان هڏيون رکيائين جيڪو ڏسڻ ۾ پهريئن حصي کان الاهي ننڍو پئي نظرآيو  ۔ جڏهن هو اهي ٻئي حصا زويس ڏي کڻي ويو ته زويس وڏو حصو کنيو ۽ ٻيو حصو  پروميٿيئس انسانن کي ڏئي ڇڏيو.جلد ئي زويس کي ان چالاڪي جي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ زويس تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿو ۽  زويس انسانن جي ان غلطي جي ڪري انسانن کي ڏنل باھ سزا طور کسي وٺي ٿو ۔  ھاڻي انسانن جي حالت وري خراب ٿيڻ لڳي ۽ هو وري لڪي ۽ ٻين جانورن کان ڊڄي رهڻ لڳا ۔ انسانن جي اها حالت پروميٿيئس کان برداشت نه ٿي ۔ ان جي لاء ھو مائونٽ اولمپس زويس جي گهر وڃي ٿو ۽ اتان ٿوري باھ چوري ڪري اچي ٿو ۽ اها باھ انسانن کي ڏئي ٿو.
باھ جي ٻيهر ملڻ سان انسانن جي زندگي وري بدلجي وئي ۔  انسان ٻين جاندارن کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو ۽ باھ جي استعمال سان وڌيڪ ڀيانڪ ھٿيار ٺاهيائين ۽  پر انسانن جا پاڻ ۾ جھيڙا ٿي پيا ۔ زويس جڏهن واپس ڌرتيء تي اچي ڏسي ٿو ته تمام گھڻي غصي ۾ اچي ويو ۽ هن کي اهو سمجھڻ ۾ دير نه ٿي لڳي ته اهو ڪم پروميٿيئس جو آھي.
زويس ,پروميٿيئس کي سخت سزا ڏيڻ چاهي ٿو ان جي لاء زوس، پروميٿيئس کي لوهي سنگھرن ۾ ٻڌائي ڪوھ ڪاف جبل جي چوٽيء تي ٽنگائي ڇڏيو،جتي زوس (ديوتا) طرفان موڪليل هڪ ڳجھ روزانو پرومي ٿيئس جو جيرو پئي کائيندي هئي. جيئن ته پروميٿيئس ٽائٽن خاندان مان هئڻ ڪري ”لافاني“ ھو, ان ڪري هن جو کاڌل جيرو ٻئي ڏينهن تي ساڳيو اوتري جو اوترو ٿي ويندو هو. ايئن ٽيھ ھزار سالن تائين ٿيندو رهي ٿو ان وچ ۾ زوس, پروميٿيئس ڏي ايندو آھي ۽ ان کي چوندو آھي ته تون انسانن کان باھ واپس وٺ ته تنهنجي سزا ختم ٿي ويندي۔  پر پروميٿيئس انڪار ڪري ڇڏي ٿو ڇو ته هو پنهنجي ٺاهيل تخليق (انسان) کي پهريان جهڙي حالت ۾ نه پيو ڏسڻ چاهي.
نيٺ ھزارين سالن کانپوء هرڪيولس (زوس جو پٽ) ڳجھ کي تير هڻي ماريو ۽ پروميٿيئس کي آزاد ڪرايو.

پروميٿيئس جي هن قرباني جي ڪري پروميٿيئس کي تمام گھڻي عزت ڏني ويندي آھي ۽ يونان ۾ لوهار پروميٿيئس جي پوڄا ڪندا آھن.

Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar