Technology

انٽرنيٽ جي جديد دور ۾ آن لائن ڄاڻ جو مُفت خزانو وڪيپيڊيا جوڳي اسد راڄپر  

جوڳي اسد راڄپر




وڪيپيڊيا هڪ گُهڻ ٻوليائي، ويب تي جُڙيل، مفت ۽ آزاد مواد انسائيڪلوپيڊيا پروجيڪٽ آهي، جيڪو وڪيذريعات پيڙهڪا (وڪيميڊيا فائونڊيشن) طرفان سهائتا ماڻيل ۽ کُلي عام سنوار يا ترميم جي لائق مواد جي ماڊل تي ٻَڌل آهي. “وڪيپيڊيا” جو نالو وڪي لفظن (وڪي جنهن وسيلي گڏيل ويب سائٽ بڻائڻ لاءِ هڪ ٽيڪنالاجي آهي، وڪي هوائي ٻولي جي لفظ وڪي منجهان ورتل آهي، جنهن جو مطلب “تيز، ڦُڙتيلو، تُرت، انگريزي ۾ ڪوئيڪ” آهي) جو هڪ مجموعو ۽ مُفت آن لائن انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن کي ڪير به سنواري سگهي ٿو. وڪيپيڊيا وڏي پيماني تي گمنام رضاڪارن جي سهڪار سان لکي ويندي آهي جيڪي بنا ڪنهن پگهار جي وڪيپيڊيا تي مضمون لکندا آهن.

انٽرنيٽ تائين پهچ رکندڙ ڪوبہ ماڻهو وڪيپيڊيا تي مضمون لکي سگهي ٿو ۽ تبديليون، سنوارون، مواد ۾ سُڌارا آڻي سگهي ٿو، سواءِ ڪُجهہ محدود معاملن ۾ جتي رڪاوٽ يا ٽوڙ ڦوڙ (تخريبڪاري يا جنهن کي ايئن بيان ڪجي تہ مواد کي خراب ڪرڻ) شامل هجي انهن معاملن ۾ کيس تي ترميم ڪرڻ تي روڪ يا بندش وجهي سگهجي ٿي.
وڪيپيڊيا کي استعمال ڪندڙ، جن کي انگريزي ۾ يوزر سنڌي ۾ واپرائيندڙ سڏيو ويندو آهي سي گمنامي ۾، پنهنجو تخلص يا عُرفيت تحت، يا، جيڪڏهن هو پنهنجي اصلي سُڃاڻپ نالو سان، سنوار ڪرڻ جي چُونڊ ڪري سگهن ٿا.

اُهي بڻيادي اصول جن جي ذريعي وڪيپيڊيا هلندي آهي سي پنج ٿنڀَ يا پلرز آهن. وڪيپيڊيا برادري انسائيڪلوپيڊيا کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي حڪمت عمليون (پاليسيون) ۽ هدايتون (گائيڊ لائين) تيار ڪيون آهن، جڏهن ته ڀاڱيداريون ڪرڻ کان اڳُ اُنهن اصولن، پنج ٿنڀَ (فائيو پلرز) سان واقفيت ڪرڻ يا انهن کي پڙهي سمجهڻ باضابطا گُهرَ (تقاضا) ناهي.





وڪيپيڊيا جو جنم 15 جنوري 2001 تي ٿيو هيو، پنهنجي رچنا (تخليق) کانپوءِ، وڪيپيڊيا تيزيءَ سان دنيا جي سڀ کان وڏي آن لائن مُفت ريفرنس ويب سائٽ طور ترقي ڪري چُڪي آهي، وڪيپيڊيا مارچ 2020 تائين هر مهيني 1.5 بلين مُنفرد زائرين کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي (راغب) ڪري ٿي.
هينئر تائين وڪيپيڊيا 300 کان وڌيڪ ٻولين ۾ آهي جنهن ۾ 51 ملين کان وڌيڪ مضمون موجود آهن، جن ۾ انگريزي وڪيپيڊيا ۾ 6،037،873 مضمون شامل آهن، جن ۾ گذريل مهيني ۾ 137،907 سرگرم (فعال) ڀاڱيدار رِضاڪار شامل آهن جيڪي وڪيپيڊيا تي مضمون لکندا آهن. هر ڏيهن، سموري دنيا کان وڪيپيڊيا گُمندڙ (زائرين) اجتماعي طور تي ڏهوڻ هزار ترميم ڪندا آهن ۽ هزارين نوان مضمون لکندا آهن تہ جيئن وڪيپيڊيا انسائيڪلوپيڊيا جي  بندوبست هيٺ آن لائن علم ۽ ڄاڻ جي خزاني کي وڌائي سگهجي. هر ڄمار، سڀيتائن (ثقافتن) ۽ پس منظر رکندڙ ماڻهو وڪيپيڊيا تي مضمون، مواد، حوالا، تصويرون، ۽ ٻئي ميڊيا (فائل) کي شامل يا ترميم ڪري سگهن ٿا. وڪيپيڊيا تي جيڪا شيءِ اهم ڪردار نڀائي ٿي سا مهارت يا قابليت کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڪندڙ جي ڀاڱيداري کي اهميت مليل آهي. جيڪا شيءِ باقی رهندي ان تي ٻڌل آهي تہ ڇا مواد حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي پابندين يا ڀڃڪڙين ۽ زندهہ ماڻهن جي باري ۾ تڪراري مواد کان پاڪ صاف آهي ۽ ڇا اهو مواد وڪيپيڊيا جي پاليسين ۾ فٽ ٿي بيهي ٿو، بشمول ڪنهن ڇپيل مواد جو قابل اعتماد ذريعو وٽان پَڪ يا ثابتي جنهن کي حوالو (رينفرنس) يا توثيق ڏيڻ سميت، ان طرح ايڊيٽرز جي راءِ ۽ عقيدن ۽ اَڻ جائزو ورتل کوجنا (تحقيق) کي ڇڏي ڪري لکيل آهي.
ڀاڱيداريون وڪيپيڊيا کي نقصان نہ ٿيون پهچائي سگهن ڇو تہ سافٽ ويئر اهڙين  چُڪن يا غلطين کي سَوِلائيءَ سان بدلڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ ڪيترائي تجربيڪار ايڊيٽرز انهيءَ ڳالهہ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيا هوندا آهن تہ ترميمون مجموعي بهتري واريون هجن، تنهنڪري ترميم ڪندڙ کان جيڪا ڪا لکت جي غلطي ٿي ويندي آهي تہ انهن کي تجربيڪار ايڊيٽر ۽ وڪيپيڊيا تي سافٽويئر روباٽ اهي درست ڪري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري توهان ڪنهن به گهٻرائڻ جي ڳالهه کان بي فڪر ٿي وڪيپيڊيا تي مواد يا مضمونن ۾ ترميم يا سنوار ڪري سگهون ٿا (ٿيون)، ترميم ڪرڻ جي لاءِ مٿي مينيو واري جاءِ تي ترميم ايڊٽ يا سنوار جو ڳنڍڻو (لنڪ) وارو بٽڻ هوندو آهي تنهن تي ٺِڙڪ يا ڪلڪ ڪري توهان وڪيپيڊيا تي سنوارون شروع ڪري سگهو ٿا (ٿيون).!

سنڌي وڪيپيڊيا جو تعارف
سنڌي وڪيپيڊيا هڪ کُليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آھي، جيڪا وڪيپيڊيا جو سنڌي ٻولي ۾ نسخو(ايڊيشن) آهي، جنهن کي هر ڪوئي سنواري سگهي ٿو. سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد 10 فيبروري 2006 ۾ پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ پاران وڌو ويو هيو.  ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾  13,358 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 11,698 آهي جنهن مان 4 منتظمَ (ايڊمن) آهن. ايڊمن جو ڪم سموري وڪيپيڊيا جي مضمونن سنوارن جي نظرثاني، سميت وڪيپيڊيا جا ٽيڪنيڪل ڪم ۽ ويب سائيٽ هلائڻ  هوندو آهي.
سنڌي وڪيپيڊيا جي اوسر
2006 کان وٺِي 2015 تائين سنڌي وڪيپيڊيا تي مختلف ماڻهو رضاڪار طور ڪم ڪندا رهيا، پر پنهنجي بنياد پوڻ کان ان وقت تائين سنڌي وڪيپيڊيا جي مواد جي ترتيب، مضمونن جي درجابندي ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ ڪوبه تسلي وارو ڪم سڦا گهٽ ٿيل هيو، 2015 کان انگريزي وڪيپيڊيا تان سنڌي وڪيپيڊيا تي منهنجو اچڻ ٿيو، مون ڪيتريون ئي شيون محسوس ڪيون جيڪي بهتر ڪرڻ لاءِ مون سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪندڙ ٻين ساٿين سان گڏجي شين کي بهتر بڻايو، اسان سمورن گڏجي سنڌي وڪيپيڊيا جي 10 هزار مضمونن جو ٽارگيٽ حاصل ڪيو. جنھن کانپوءِ سنڌي وڪيپيڊيا، تمام ٻولين جي وڪيپيڊياز جي 1000 واڌو مضمونن واري فھرست مان نڪري اڳتي 10 ھزار واڌو مضمونن واري وڪيز ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي ورتي آھي.
اھا ڪاميابي اسانجي ڪجھ دوستن جي سھڪار ۽ محنت سان ٿي سگھي آھي، جن ۾ مھتاب احمد سولنگي، انتثار علي، عزيز ڪنگراڻي، ۽ ٻين سميت منھنجو نالو شامل آھي.
وڪي ميل ميلاپ ڪراچي پاڪستان ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي پاران پنهنجي نوعيت جو پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا برادري جي ساٿين ۽ اردو وڪيپيڊيا ساٿي جي ملاقات 24 مئي 2017 ء بروز اربع تي ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وڪي ميڊيا فائونڊيشن جي مختلف وڪي منصوبن سان تعلق رکندڙ ڪُل پنچ يوزرس شرڪت ڪئي انهن سميت ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ 15 ٻيا ماڻهو پڻ شريڪت ٿيا
سنڌي وڪيپيڊيا جون ويجھر ۾ ڪجھ ڪاميابيون هن ريت آهن
* داخل (لاگِ اِن) ٿيڻ جو مسئلو حل ڪرايو ويو.
* ۔حوالا شامل ڪرڻ لاءِ ھڪ جديد ۽ آسان اوزار پڻ شامل ڪرايو ويو.
* اڳ جيڪي انگريزيءَ ۾ نالوفظا (namespaces) ھيا سي سڀئي ھاڻي سنڌي نالن سان ڪرايا ويا آھن.
* فانٽس( fonts) کي ڪجھ بھتر بڻايو ويو آھي.
* سنڌي وڪيپيڊيا جو يوٽيوب چينل شروع ڪيو ويو آھي جتي تربيتي ۽ رھنمائي سبق(Tutorials) رکيا ويا آھن
اسان جون پنھنجي ٻوليءَ جي آن لائن انسائيڪلوپيڊيا لاءِ اڻ ٿڪ محنتون جاري آھن اڳتي ٻيا انيڪ Milestone پار ڪرڻا آھن. اسانکي حڪومتي يا غير سرڪاري سطح تي اڃا ڪوئي سھڪار، امداد، سھوليت ناھي ملي سگھي، اسان سنڌي وڪيپيڊيا جا رضاڪار پنهنجي هڙان وڙان هوند اَڻ هوند ۾ ڏاڍين تڪليفن ۽ ڏکيائين سان ان قومي ڪم کي اڳتي منزلن طرف وٺي وڃي رهيا آهيون بس اسان جي اندر پنهنجي ٻوليءَ کي آن لائن محفوظ ڪرڻ جو هڪ جذبو سمايل آهي جيڪو اسانکي همٿ هارڻ نٿو ڏيئي. اسان کي گڏجي اڃا گهڻو ڪجهه سنڌي ٻولي جي آن لائن انسائيڪلوپيڊيا سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ ڪرڻو آهي، تنهنڪري وقت بوقت مختلف وسيلن جِن ۾ سوشل ميڊيا، ورڪشاپس وسيلي سنڌي ماڻهن کي ان قومي ڪم ۾ اسان سان سنڌي وڪيپيڊيا سٿ ۾ شامل ٿيڻ جو اڳ به سڏ ڏيندا رهيا آهيون اڳتي به ان اُميد سان سڏ ڏيندا رهنداسين ته نيٺ هڪ ڏينهن هيءَ قوم ضرور سنجيدگيءَ سان اسانجي سڏ کي ورنائيندي ۽ گڏيل قومي فائدي لاءِ اسان سان گڏجي ڪم ڪندي. ايندڙ مضمون ۾ اسان سان شامل ٿيڻ توڙي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون ڪرڻ جي طريقيڪار بابت سکيا ۽ رهنمائي تي ٻَڌل ليک سميت توهان اڳيان حاضر ٿيندس
سنڌي وڪيپيڊيا جي ويب سائيٽ جو يوآريل
ليکڪ سنڌي وڪيپيڊيا جو مُنتظم ۽ سرگرم ڀاڱيدار آهي

اصل ۾ ڇپيل سماچار نيوز ۽ انڊس نيوز تي

Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar