تجربي کانسواءِ جاب يا انٽرنشپ ڪيئن حاصل ڪجي

تجربي کانسواءِ نوڪري ڪيئن ماڻجي؟ 

How to get a job without experience? 



جڏھن ڪوبہ اميدوار ڪنھن نوڪري (ملازمت/جاب) لاءِ ڪوشش ڪري تہ کيس کان گھربل تعليم، ھنر (اسڪلز) ۽ تجربو گھريو ويندو آھي. 


ھڪ عام اميدوار کي نوڪرين ۾ درخواست ڏيڻ وقت جيڪو وڏو مسئلو پيش اچي ٿو سو ھوندو آھي تجربو، ھاڻي تعليم  ۽ ھنر (اسڪلز) تہ تعليمي ادارن يا آن لائن وسيلن منجھان ماڻي سگھجن ٿيون پر تجربو ڪٿان آڻجي؟ ان سوال جو حل جيسيتائين حڪومت، تعليمي ادارا ڪڍن تيسين اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پاڻ ان جا متبادل حل ڳولھين. 

حڪومت صنعتن کي پابند بڻائي تہ اھي تعليمي ادارن ۾ فارغ ٿيل ۽ آخري سال ۾ پڙھندڙ شاگردن، شاگردياڻين کي سيکڙاٽ (انٽرنشپ تحت انٽرني) طور ڀرتي ڪن ۽ تعليمي ادارا پڻ صنعتن سان اھڙا ٺاھ (معاھدا) ڪن.  

جيڪڏھن اميدوار تجربو نہ ھئڻ سبب پنھنجي لاڳاپيل پسند جي شعبي ۾ روزگار ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رھيا آھن تہ انھن  اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پنھنجي پسند جي شعبي ۾ رضاڪار (والنٽئر Volunteer) طور خدمتون آڇين. انھيءَ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪرڻ سان توھان کي اھو فائدو رسندو تہ توھان کي حقيقي زندگي ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ملندو، جنھن سان گڏوگڏ توھان کي پنھنجيون ٻيون اسڪلز (ھنر) کي ترقي وٺرائڻ ۾ پڻ مدد ملندي ۽ جيڪي توھان جي ايندڙ (مستقبل) مالڪ (امپلائر) لاءِ پڻ اھميت واريون ھونديون. 

وڏين وڏين صنعتن ۽ ڪارپوريشنز ۾ انٽرنشپ لاءِ درخواست ڏيڻ سميت ننڍين صنعتن، تنظيمن ۽ ادارن ۾ پڻ درخواستون ڪريو. پوءِ ڀلي اھي انٽرنشپ خرچي ساڻ يا بنا خرچي واريون ئي ڇونہ ھجن. 

ڪجھ ادارن يا ڪارپوريشنز ۾ انٽرنشپ لاءِ توھان کان لاڳاپيل تعليمي اداري جو ريڪمنڊيشن ليٽر پڻ گھريو ويندو جنھنڪري اھڙو خط (ليٽر) توھان پنھنجي لاڳاپيل اداري/شعبي جي سربراھ کان وٺي ڇڏيو. 

انٽرنيٽ تي پنھنجي شعبي سان لاڳاپيل مختلف ادارن، تنظيمن، ڪارپوريشنز، ڪمپنيز ۽ صنعتن جا تفصيل ڳولھا ڪريو، جنھن ۾ انھن جي برق ٽپال (اي ميل)،  فون نمبر، ويب سائيٽ وغيرھ سميت سندن بابت مختصر ڄاڻ پڻ حاصل ڪريو تہ اھو ادارو ڇا آھي، ان ۾ ڪم جو ماحول ڪيئن آھي وغيرھ جيڪو توھان کي لاڳاپيل اداري جي ”اسان بابت About Us“ ۾ ملي ويندو. 

اھڙن سڀني ادارن يا صنعتن جي ھڪ فھرست ٺاھيو جنھن ۾ سندن ويب سائيٽ، تعارف ۽ رابطي جا ذريعا درج ڪريو. 


انھن کي سندن ايڇ آر جي (جيڪڏھن ايڇ آر اي ميل ناھي تہ جيڪا بہ اي ميل ھجي) اي ميل وسيلي انٽرنشپ لاءِ درخواست موڪليو، ۽ ڪجھ ادارن ۾ پاڻ ھليا وڃو. 

انھن جي ويب سائيٽ سميت لنڪڊاِن تي سندن پروفائيل پڻ چڪاسيو تہ جيئن ئي ڪا ملازمت يا انٽرنشپ اچي تہ توھان درخواست ڏئي سگھو. 

اوھان جو خادم 🙏 #ج_ا_ر #JAR

#HowTo, #Job, #Internship, #CareerCounselling, #روزگار، #نوڪري، #ملازمت

Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar