فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي ج ا ر

فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي

فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي

ڀاڱو پھريون

دُنيا جي ڪيترن ئي ڏِيھَن (مُلڪن) ۾ فريلانسنگ گھڻو اڳ رائج ٿيل آھي ۽ ڪيترائي ھنرمند ماڻھو پنھنجو پورھيو کي پنھنجي مرضي مطابق سولائي واري وقت ۾ ڪري پئسو ڪمائي رھيا آھن. اسان وٽ خاص طور انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪم ويجھر جي ڪجھ سالن ۾ شروع ٿيو آھي، انڊيا ۽ پاڪستان ان ڪم جي فھرست وارن مُلڪن ۾ ٽاپ ٽين مُلڪن ۾ پڻ شامل آھن. اچو ته ھاڻي اھو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته فريلانسنگ ڇا آھي، ڪھڙا ھنر سِکي اھو ڪم ڪري سگھجي ٿو ۽ ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿو. فريلانسنگ آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ کي سڏجي ٿو فريلانس جي ڪم ۾ توھان پنھنجا باس پاڻ آھيو، توھان 24 ڪلاڪ منجھان پنھنجي مرضيءَ واري وقت ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ ڪم ڪري سُٺو پئسو ڪمائي سگھو ٿا ۽ باقي بچيل وقت پنھنجي ڪُٽنب ( فيملي ) کي ڏئي يا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھو ٿا، ڪُجھ ماڻھو جيڪي باقائدي سان 9 کان 5 بجي تائين ملازمت ڪن ٿا اھي پڻ فريلانسگ ڪندا آھن پر گھڻي ريت فريلانس ڪم ڪندڙ 9 کان 5 وڳي تائين واري نوڪري ناھين ڪندا.

سنڌي ٻولي ۾ ھن قسم جي معلومات توھان کي پڙھڻ لاءِ سڦا گھٽ ملندي ۽ جيڪي فريلانسنگ ڪم ڪري رھيا آھن انھن پاران پڻ رھنمائي توھان کي سنڌيءَ ۾ ڏاڍي مشڪل سان ملندي ھا ويجھر ۾ ٿي سگھي تہ ڪي ماڻھو ان حوالي سان رھنمائي ڪندا ھجن پوءِ اھا يوٽيوب وسيلي ٿي سگھي ٿي، پر يوٽيوب سميت انٽرنيٽ تي فريلانسنگ بابت گھڻي ريت مواد وڊيوز، بلاگ يا سوال جواب انگريزي، اردو يا ھندي ۾ ملندا، سنڌي وڪيپيڊيا تي ويجھر ۾ مون ان حوالي سان ھڪ ٻه مضمون پڻ لکيا ھيا ته جيئن سنڌي پڙھندڙن کي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ھن ڪم بابت ڄاڻ ملي سگھي، اسان جي ادارن، باشعور ماڻھن کي پڻ سنڌ سرڪار تي زور ڀرڻ کپي ته فريلانسگ ۽ ان سان لاڳاپيل جديد ھنرن کي درسي ڪتابن جي سليبس ۾ نوجوانن جي اڀياس لاءِ رکيو وڃي ۽ آن لائن مواد جنھن ۾ سکيا وڊيوز، لکت ۾ مواد ۽ آن لائن رھنمائي جو ڪو پورٽل بڻايو وڃي، پڪ سان اھڙي گُھر سنڌ ۾ اڃا ناھي ٿي پر آئون پنھنجي ھن بلاگ وسيلي سنڌ جي ماڻھن کي چوان ٿو ته تمام جلد اھڙي گُھرَ سنڌ سرڪار کان ڪئي وڃِي.

فريلانسنگ يا فريلانسر يا فريلانس ڪم ڇا آھي؟

فريلانسر، فريلانسنگ، فريلانس ڪم  ڪندڙ،  (فريلانس ورڪر) ، ھڪ عام اصطلاح آھي، جيڪو ھڪ اھڙي ماڻھوءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي جيڪو پنھنجو پاڻ ملازمت ڪندو آھي، مطلب ته ھو پنھنجي ھنر ۽ ڪم جي خدمت کي پنھنجي مرضي مطابق ٻين کي آڇيندو آھي. فريلانسر پاڻ پنھنجو روزگار ڪندڙ ماڻھوءَ کي سڏبو آھي جيڪو پنھنجي ڪم ۽ ھنر جي خدمت کي آزاد طور ٻين کي آڇيندو آھي. فريلانس ڪم ڪندڙ جنھنکي انگريزي ۾ فريلانسر سڏبو آھي، اھو ھڪ ئي وقت ۾ ھڪ کان وڌيڪ مختلف گراھڪن جي لاءِ پنھنجي ڪم جي خدمت طور ملازمت ڪندو آھي. فريلانسر عام طور تي ھر ڪم جي بنياد تي ڏوڪڙ (پئسا) ڪمائيندو آھي ۽ پنھنجي ڪم جي لاءِ في ڪلاڪ يا روزاني اگھ ماڻيندو آھي. فريلانس ڪم لازمي طور ھڪ ڊگھي وقت تائين ڪنھن نوڪري ڏيندڙ (امپلائر) سان جُڙيل نه ھوندو آھي. فريلانس ڪم ڪندڙ جنھن کي آزاد ڪم ڪندڙ پڻ چئي سگھجي ٿو، سو ڪڏھن ھڪ ڪمپني يا ھڪ عارضي ايجنسين لاءِ نمائندگي ڪندو ڪندي آھي.

اڪثر فريلانس ڪم ڪندڙ پنھنجو ڪم يا پورھيو آزاد نموني سان ڪندا آھن يا پنھنجي ڪم لاءِ پروفيشنل ايسوسيئيشن يا فريلانس مارڪيٽ وارين ويب سائيٽن کي استعمال ڪندا آھن.

فريلانس مارڪيٽ

 فريلانس مارڪيٽ ٻن قسم جي آھي ھڪ رواجي فريلانس مارڪيٽ ۽ ٻئي اَڻ رواجي فريلانس مارڪيٽ سڏبي آھي.

. ھڪ رواجي يا ٽريڊيشنل فريلانس مارڪيٽ پليس، جتي ماڻھو پنھنجي ضرورت جو ڪم رکندا آھن ۽ فريلانسر ان تي ڪلائنيٽ جي حيثيت سان واڪ يا بِڊنگ ڪندا آھن. ھن قسم جي مارڪيٽ ۾ فريلانسر ڊاٽ ڪام، گُرو ڊاٽ ڪام، اڳوڻي او ڊيسڪ ھاڻي اَپ ورڪ، پيپل پر ھاور، ڪريئگسلسٽ،  وغيرھ شامل آھن.

ٻئي اڻ رواجي يا نان ٽريڊيشنل فريلانس مارڪيٽ پليس سڏبي آھي، جتي فريلانسر يا آزاد ڪم آڇيندڙ پنھنجو ڪم ۽ پورھئي کي ٻين اڳيان آڇيندا آھن، ھن قسم جي مارڪيٽ ۾فائيور ڊاٽ ڪام وغيرھ شامل آھن. ۽ ان قسم جي مارڪيٽ تي فريلانسر پنھنجي گگ جابز رکندا آھن.

آزاد ٺيڪيدار (اِنڊيپينڊينٽ ڪانٽريڪٽر) جي اصطلاح کي انگريزي ۾ الڳ نموني يا ٻئي ريت استعمال ڪيو ويندو آھي، ان قسم جي ڪم ۾ مزدور جي اوڳاڙي (ٽيڪس) ۽ روزگار طبقي کي نامزد ڪرڻ  لاءِ  اصطلاح "آزاد ڪم (فريلانسنگ) " ثقافت ۽ تخليقي صنعتن ۾ عام جام ڪم آندو ويندو آھي. 

اھي ڪُرت يا ڌنڌا يا پروفيشن فيلڊ ۽ صنعتون جتي آزاد ڪم يعني فريلانسنگ کي اُتم درجو ماڻيل آھي تن ۾ راڳ رنگ يعني ميوزڪ يا موسيقي، لکڻ جو ڪم، ناٽڪ ڪرڻ يا اداڪاري، ڪمپيوٽر پروگرامنگ ، ويب ڊزائن، گرافڪ ڊزائن ، ترجميڪاري يا ترجمو ڪرڻ، علامتي نقش نگاري يا اليوسٽريٽنگ، فلم ۽ وڊيو پراڊڪشن ۽ ٻيا قسم جا ڪم شامل آھن، جن کي ڪجھ ثقافتي اڪابر يا ڪلچرل ٿيورسٽ (Cultural Theorist) ڪگنيٽيو ڪلچرل اڪانامي (Cognitive Cultural Economy) جي لاءِ مُکيا جُز سمجھن ٿا.

ڪھڙا ھنر يا اسڪلز سِکي فريلانس ڪم شروع ڪجي؟

توھان جنھن بہ ھنر ۾ مھارت رکو ٿا يا ٿيون سو ڪم توھان شروع ڪري سگھو ٿا، جھڙوڪ توھان ڪوئي مضمون يا بايوگرافي يا ڪتابن جا رويوز يا بلاگز لکي سگھو ٿا تہ توھان ڪنٽينٽ رائٽنگ جو ڪم کڻو، توھان گرافڪ ڊزائن جو ڪم ڄاڻو ٿا تہ توھان پنھنجو ڪم گرافڪ ڊزائنر طور آڇي سگھو ٿا، اھڙي ريت سافٽيويئر پروگرامر، موبائل ايپس ڊولپر انڊرائينڊ ايپس ڊيولپر، سميت انيڪ ھنر يا اسڪلز آھن جيڪي توھان سکي ڪري فريلانسنگ ڪري سگھو ٿا ۽ پنھنجي لاءِ پئسو ڪمائي سگھو ٿا.

فريلانس ڪم ڪرڻ جا فائدا

فريلانسنگ ۾ توھان کي ڪجھ ھن ريت جا فائدا ٿي سگھن ٿا

  • توھان پنھنجا باس پاڻ ھجو ٿا
  • توھان پنھنجي ڪم ۽ پورھئي جو اگھ پاڻ مقرر ڪرڻ جو اختيار پاڻ رکو ٿا
  • توھان پنھنجي مرضي واري وقت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد آھيو، 9 کان 5 بجي تائين آفيس ۾ ڪم ڪرڻ، صبح سوير اُٿي پنھنجي گاڏي يا پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي آفيس پھچڻ اھڙِي ريت شام جو گھر واپسي ڪرڻ واري  تڪليف (اردوءَ واري جنجھٽ) کان بچي سگھو ٿا.
  • 24 ڪلاڪ منجھان ڪي ٽي يا 4 ڪلاڪ ڪم ڪري باقي بچيل وقت ۾ توھان پنھنجي زندگي جي اھم گھڙين کي پنھنجي ڪُٽنب سان گڏ گھر ۾ گُذاري سگھو ٿا يا سير سپاٽي تي وڃي سگھو ٿا.
  • توھان پنھنجي گھر جي سڪون واري ماحول (ڪمفرٽ زون) منجھان ڪم ڪري سگھو ٿا، وغيرھ

ھي موضوع گھڻو وسيع آھي، جنھن جي ھر ھڪ پاسي تي لکڻ لاءِ ھر ھڪ الڳ بلاگ جوڙيندس، فلھال جيڪي ڳالھيون اھم سمجھان ٿو اُھي توھان جي رھنمائي لاءِ لکي رھيو آھيان، وڌيڪ توھان جي ڪمينٽس ۽ راءِ جو انتظار رھندو توھان جي قيمتي راءِ ۽ سوالن وسيلي ئي آئون وڌيڪ بھتر بلاگ توھان لاءِ لکندس

اڳئين بلاگ ۾ فريلانس ڪم بابت وڌيڪ تفصيل ۾ لکندس جنھن ۾ فريلانس مارڪيٽ جي ويب سائيٽن تي پروفائيل، پورٽفوليو، ڊسڪرپشن  وغيرھ شامل ھوندو.


ڀاڱو ٻيون (تمام جلد اچي رھيو آھي)

  پڙھو ڀاڱو ٽيون


فريلانسر طور منھنجو تعارف

منھنجو مڪمل تعارف منھنجي پنھنجي ويب سائيٽ تي موجود آھي، مون فريلانسر طور ڪم پھرئين مڪامي طور شروع ڪيو، جنھن ۾ ھڪ ٿرپارڪر جي ھمراھ کي رضاڪار طور مون سندس ويب سائيٽ لاءِ مواد (ڪنٽينٽ) لکي ۽ ترجمو ڪري ڏنم پوءِ مون ھڪ سافٽيويئر ھائوس ۾ ڪنٽينٽ رائٽر طور ٻه مھينا ڪم ڪيو، تنھن دوران ۽ پوءِ مون باقائدي فريلانس مارڪيٽ جھڙوڪ اَپ ورڪ، فريلانسر، فائيور، ۽ اھڙِين ٻين فريلانسنگ مارڪيٽ ۾ پنھنجو کاتو ٺاھي ڪم شروع ڪيو آھي


Comments

  1. منھنجو ڪورس ھلي ٿو پيو يوٽيوب تي پر اھا ئي ڄاڻ پنھنجي زبان ۾ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي

    ReplyDelete
    Replies
    1. توھان جي راءِ جي لاءِ آئون گھڻو ٿورائتو آھيان، منھنجي ڪوشش پڻ آھي ھي ڄاڻ سنڌي ٻولي ۾ سنڌي ماڻھن تائين پھچايان ھا ٻين ٻولين ۾ ان حوالي سان مواد کوڙ سارو انٽرنيٽ تي آھي پر سنڌي ۾ اھڙو مواد ملڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، انھيءَ ڏکيائي کي حل ڪرڻ جي ھڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم

      Delete

Post a Comment

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar