مھان گيٽسبي

 ڪھاڻي

مھان گيٽسبي |سنڌيڪار: جوڳي اسد راڄپر

مھان گيٽسبي
مھان گيٽسبي

مهان گيٽسبي کي سائي روشني ۾ يقين ھوندو ھيو. ھو روزانو شام جي پَھر ۾ پنھنجي محل جي سامھون نديءَ جي ھِن پارِ وار جيٽيءَ تي بيھي نديءَ جي ھُن پارِ پُراڻي امير ايسٽ ايگ ۾ اُن حويلي جي سائي روشنيءَ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو جنھن ۾ ڊيزي رھندي ھئي، ھو تيستائين جيٽيءَ تي بيٺو رھندو ھو جيستائين اُھا سائي بَتي ٻرھندي رھندي ھئي، ھو تيستائين نظر ٽِڪائي ان لائٽ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو. اتفاقاََ ڊيزيءَ جو ڪزن مسٽر ڪاراوي گيٽسبيءَ جو پاڙيسري ھيو، جنھن کي پنھنجي محل جي بالڪونيءَ مان گيٽس بي ڏسندو ھيو، ان ڏينھن نديءَ جي ڪناري دل لڀائيندڙ پَرين جي ٻوڏ لٿي ھئي جن کي ڪاراوي ڏسي رھيو ھو تہ ھن ڏٺو تہ ان قلعي نما ديوارن مان، ان حويليءَ مان ھن ڏانھن حويليءَ جو مالڪ نھاري رھيو ھو، ھو سندس پاڙيسري ھيو. ھڪ شام مسٽر ڪاراوي جڏھن گھر آيو تہ ھن ڌيان ڏنو تہ ھڪ آڪرتي اُڀري آھي سندس پاڙيسريءَ جي کڙڪيءَ تي ۽ ھن کي لڳو تہ اھو مسٽر گيٽسبي ھو، ھُو ڪنھن شيءَ ڏانھن پھچي رھيو رھيو ھو ھوڏانھن اوندھ ۾، اھا سائي روشني ھئي. 
 مسٽر ڪاراوي ڊيزي جو ڪزن 1922ع جي گرمين ۾ مسٽر ڪاروائي گيٽسبيءَ سان نيويارڪ ۾ ھڪ پارٽيءَ ۾ مليو. ان پارٽيءَ ۾ نيويارڪ جي سڀني ماڻھن کي بِنا سڏ اچڻ جي آگيا ھئي، پر رُڳو ھڪڙو ئي مھمان مسٽر ڪاراوي اھڙو ھيو جنھن کي دعوتنامو مليو ھو. اتي ھو گيٽسبيءَ سان مليو. گيٽسبي چاھي پيو تہ نِڪ ڪيراوي پنھنجي سئوٽ ڊيزيءَ کي ھڪ شام چانھ جي دعوت تي گھرائي. ھو انکي گھرائيندو آھي ۽ گيٽسبي ان جي گھر کي طرحين طرحين گُلن سان سينگاري ڇڏيندو آھي. ڊيزي جيئن ئي پھچي ٿي تہ گيٽسبي اندران ٻاھر نڪري وڃي ٿو، ڊيزيءَ جو سئوٽ انکي گھر اچڻ جي آجيان ڪري ٿو، ھوءَ جيئن ئي اندر ٻنڀي کان پير رکي ٿي تہ گل ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي پنھنجي سئوٽ لاءِ چوي ٿي تہ ھي مونسان پريم ڪري ٿو. ڪاراوي ڏسي ٿو تہ اندر گھر ۾ گيٽسبي ناھي، ھو سوچي ٿو تہ ھو ڪيڏانھن ويو، انھيءَ مھل گيٽسبي دروازو کڙڪائي ٿو مسٽر ڪاراوي دروازو کولي ٿو ۽ گيٽسبي اندر اچي ٿو. ڊيزي پرتي مُنھن ڪري بيٺل ھوندي آھي، ھوءَ جيئن ئي مُڙي ڏسندي آھي تہ گيٽسبي سندس اڳيان بيٺو ھوندو آھي، ھو ھڪٻئي کي ڪجھ دير تَڪيندا رھن ٿا پوءِ ھوءَ آسڻ تي ويھي رھي ٿي، گيٽسبي بيٺو رھندو آھي، ڪاراوي انھن لاءِ چانھ کڻي اچي ٿو، ھو چانھ پي ڪچھري ڪن ٿا، پنھنجي اتيت، وردمان ۽ ڀَوِش جي باري ۾ ڳالھائين ٿا. اتان اٿي گيٽسبي ڊيزيءَ ۽ ڪاراوي کي پنھنجي حويلي ۾ وٺي اچي ٿو، جتي ھو ڊيزيءَ کي ھرطرح جا بھترين وڳا پيش ڪري ٿو، ڊيزي ڏاڍي خوش نظر اچي ٿي گيٽسبي ڊيزي ناچ ڪن ٿا ۽ ان دوران ڊيزي گيٽسبيءَ سان اِڇا ڪري چوي ٿي تہ ڪاش جيڪر مون ھن ڌرتيءَ تي سڀ ڪجھ توسان ڪيو ھجي ھا، گيٽسبي ھن کي چوي ٿو تہ ھڪ ڏينھن تون اينديئن ۽ پاڻ ائين خوشي خوشي گڏ رھنداسين. 
 ھڪ شام گيٽسبي ڊيزي جي گھر دعوت تي وڃي ٿو، اتان اھي سڀئي شھر گھمڻ وڃن ٿا، واپسي تي ڊيزي گيٽسبي گڏ ھئا ۽ ڊيزي ڊرائيونگ ڪري رھئي ھئي، ڊيزيءَ جي مڙس جي رکيل کي سندس مڙسالو مارڪڍي رھيو ھو تہ ھوءَ ڊوڙندي ان ڪار اڳيان اچي وئي جيڪا ڊيزي ھلائي رھي ھئي ۽ ڪار ايڪسڊنٽ ۾ ھوءَ مري وڃي ٿي، ڊيزي گيٽسبي اتان گاڏي ڊوڙائي نڪري وڃن ٿا. ايڪسڊنٽ ۾ مارجي ويل عورت جي مڙس کي ڊيزي جو مڙس ڪوڙ ھڻي ڀڙڪائي ٿو تہ تنھنجي زال کي مسٽر گيٽسبي ماريو آھي تون ان کي ماري بدلو وٺ. ھڪ شام گيٽسبي ڊيزيءَ جي ڪال جي اوسيئڙي ۾ پنھنجي حويلي اندر تلاءُ ۾ تُڙڳي رھيو ھوندو آھي، ڪجھ دير ۾ ڊيزي ڪال ڪرڻ لاءِ فون کڻندي آھي تہ انھيءَ دوران مسٽر ڪاراوي گيٽسبي جي گھر ڪال ڪندو آھي فون بزي ڏسي ڊيزي نراش ٿي ويندي آ، گيٽسبي جو ڪرمچاري فون کڻندو آھي، ھيڏانھن جيئن ئي فون جي گھنٽي وڄندي آھي تہ گيٽسبي سومنگ پول کان ٻاھر نڪري رھيو ھوندو آھي، انھيءَ دوران ايڪسڊنٽ ۾ مارجي ويل عورت جو مڙس کيس پٺيءَ ۾ گولي ھڻندو آھي. گيٽسبيءَ کي سائي روشني ۾ ويساھ ھوندو آھي. 

 ھيءَ ڪھاڻي ايف سڪاٽ فٽزجيرالڊ جي لکيل مشھور ناول #دي_گريٽ_گيٽسبي تي ٺھيل فلم دي گريٽ گيٽسبي جي تان ورتل ڪردارن تي لکيل منھنجي پھرين سنڌي ڪھاڻي آھي. #ج_ا_ر



Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar