بي ترتيب خيال
ڪَٺورِتا جو احساس جوڳي اسد راڄپر ميرواھ جي ھڪ جاءِ تي بيٺل ھڪ وڻ آھي، جنھن پاڻ ڏانھن ايندڙ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي اوٽَ ۾ ڇانوَ ڏني پنھنجو ميوو کارايو، اتي ايندڙ سڀئي ماڻھو ميوو کائي، ڇانورو وٺي ھليا ويا. ھڪ ڀيري ھڪ وڏو طوفان آيو، جنھنڪري ان وڻ کي پڻ تيز ھوائن وڏا لوڏا ڏنا، جھولا لڳڻ ڪري سوڪھڙي جي ڪري ان وڻ جا پَن ڇڻي رھيا ھيا ۽ وڃي ڪجھ بچيا ھيا، ماڻھو اتان ايندا ويندا رھيا پر ڪنھن بھ ماڻھوءَ ان وڻ جي سوڪھڙي ڏانھن نڪي ڌيان ڏنو نڪي وڻ کي پاڻي ڏنائون، وڻ سُڪڻ لڳو، زمين بنجر ٿيڻ لڳي ھئي، سنڌو درياھ منجھان پاڻي اچڻ گھٽجي ويو ھيو، ۽ انڪري ميرواھ ۾ بھ پاڻي سڦا گھٽ ايندو رھيو، وڻ پوريءَ ريت سُڪي ويو ھيو، ان جا پَن بھ ڇَڻي ويا ھيا، وڻ ھاڻي ٻُسو ٿي ويو ھيو، ان جا سُڪل ڏارَ پڻ ھيڻا ٿي ويا ھيا، تنھنڪري پَکي بھ ان وڻ تي پنھنجا آکيرا ٺاھڻ جي آس ڇڏي نراش ٿي ٻئي پُرڳڻي ڏانھن پنھنجي ولر سان گڏ اُڏري ھليا ويا. ھن وڻ ڀرسان ٻيا وڻ پڻ سُڪي ويا ھيا، ھي وڻ اڪيلو ۽ بلڪل ويڳاڻو ٿي ويو ھيو، جيئن تھ ھاڻي ھو سُڪي ويو ھيو ۽ ان جا ڏارَ پَن ڇڻڻ جي ڪري ٺوڙھا ٿي ويا ھيا ۽ ان جي ڇانوَ بھ نھ رھي ھئي تھ ماڻھو پڻ ان ڏان...