بي ترتيب خيال

ڪَٺورِتا جو احساس

جوڳي اسد راڄپر


ميرواھ جي ھڪ جاءِ تي بيٺل ھڪ وڻ آھي، جنھن پاڻ ڏانھن ايندڙ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي اوٽَ ۾ ڇانوَ ڏني پنھنجو ميوو کارايو، اتي ايندڙ سڀئي ماڻھو ميوو کائي، ڇانورو وٺي ھليا ويا. ھڪ ڀيري ھڪ وڏو طوفان آيو، جنھنڪري ان وڻ کي پڻ تيز ھوائن وڏا لوڏا ڏنا، جھولا لڳڻ ڪري سوڪھڙي جي ڪري ان وڻ جا پَن ڇڻي رھيا ھيا ۽ وڃي ڪجھ بچيا ھيا، ماڻھو اتان ايندا ويندا رھيا پر ڪنھن بھ ماڻھوءَ ان وڻ جي سوڪھڙي ڏانھن نڪي ڌيان ڏنو نڪي وڻ کي پاڻي ڏنائون، وڻ سُڪڻ لڳو، زمين بنجر ٿيڻ لڳي ھئي، سنڌو درياھ منجھان پاڻي اچڻ گھٽجي ويو ھيو، ۽ انڪري ميرواھ ۾ بھ پاڻي سڦا گھٽ ايندو رھيو، وڻ پوريءَ ريت سُڪي ويو ھيو، ان جا پَن بھ ڇَڻي ويا ھيا، وڻ ھاڻي ٻُسو ٿي ويو ھيو، ان جا سُڪل ڏارَ پڻ ھيڻا ٿي ويا ھيا، تنھنڪري پَکي بھ ان وڻ تي پنھنجا آکيرا ٺاھڻ جي آس ڇڏي نراش ٿي ٻئي پُرڳڻي ڏانھن پنھنجي ولر سان گڏ اُڏري ھليا ويا.



ھن وڻ ڀرسان ٻيا وڻ پڻ سُڪي ويا ھيا، ھي وڻ اڪيلو ۽ بلڪل ويڳاڻو ٿي ويو ھيو، جيئن تھ ھاڻي ھو سُڪي ويو ھيو ۽ ان جا ڏارَ پَن ڇڻڻ جي ڪري ٺوڙھا ٿي ويا ھيا ۽ ان جي ڇانوَ بھ نھ رھي ھئي تھ ماڻھو پڻ ان ڏانھن اچڻ ڇڏي ويا، جِن ماڻھن کي ھن پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، کين ڇانورو ڏنو، انھن ماڻھن جو ھن وڻ ڀرسان لنگھي وڃڻ مھل ھن ڏانھن ڌيان ئي نھ ٿيندو ھيو، ماڻھن جي اھڙي ڪَٺورِتا ڏسي ھي تڙپي پيو، ماڻھن کيس وڏو نراش ڪيو، انھيءَ ڏکَ ۾ ھي روئي رھيو ھيو، روئي روئي نيٺ بس ڪيائين ۽ سوچيائين تھ ھاڻي آئون بھ ڪٺورتا وارو سَڀاءُ پنھنجي اندر پيدا ڪندس، آئون بھ کين منجھان ڪنھن کي بھ ياد نھ ڪندس، ھنن کي وِساري ڇڏيندس.

ھن ڪوشش وڏي ڪئي پر سندس اندروني سَڀاءٌ ڪُجھ اھڙو ھيو جيڪو کيس ڪٺور ٿيڻ نھ ڏنو، ۽ ھي نراشائيءَ منجھان نڪري وري ماڻھن ۾ آس رکڻ لڳو ھيو، ھن وڻ جي ڄمار 31 سال ٿي وئي ھئي ۽ سنڌو درياھ ۾ اُترئين علائقن سميت پنجاب کان پاڻي گھٽ اچڻ لڳو ھيو، ڇو تھ مٿي سنڌو درياھ تي ڪيترائي بند ۽ ڏيم اڏيا ويا ھيا، انھيءَ ڪري سنڌو درياھ ۾ سنڌ ڏانھن  ايندڙ پاڻي گھٽ ايندو ھيو، تنھنڪري ميرواھ ۾ پڻ پاڻي نھ اچي رھيو ھيو، ميرواھ جي ڪَپ تي بيٺل ھي اڪيلو ويڳاڻو وڻ بچيو ھيو، ھي ھاڻي آھستي آھستي پنھنجي وقت کان اڳ ئي مَري رھيو ھيو، پر اڃا تائين ھي زندگيءَ لاءِ جاکوڙ ڪري رھيو ھيو، ڇو تھ کيس اھا چڱيءَ ريت پَروڙ ھئي تھ لاڳاتار جاکوڙ جو نالو ئي جيون آھي ۽ پنھنجي جياپي لاءِ سدائين ڪوشش ڪرڻ کي جيئڻ لاءِ وڏا وس ڪرڻ کپن، ۽ ڪڏھن بھ ھمٿ نھ ھارجي. انھيءَ دوران ھڪ پنھنجي مقامي ماڻھوءُ جنھن کي ھن وڻ ڪنھن وقت ۾ ڇانورو ڏنو ھيو، اھو ماڻھو پنھنجي اندر جي لَوڀ لاءِ وڻ وَڍيندڙ پٺاڻن کان وڻ وڍڻ جا پئسا وٺي ھن وڻ کي وڪرو ڪري آيو ھيو، پٺاڻ پنھنجا ڪاتَ ڪُھاڙا ۽ وڏيون جديد مشيون کڻي ھن مھان وڻ کي وڍڻ شروع ٿي ويا ھيا.

ھي وڻ پنھنجي آخري وقت ۾ پنھنجي سموري جيون کي ياد ڪري رھيو ھيو، سندس يادن جا ڪيترائي اَمُلھ پَل کيس کان وِسري ويا ھيا، تھ ڪجھ کيس ھن مھل ياد اچي رھيا ھيا.

جوڳي اسد راڄپر

 


Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar