آن لائن سنڌي ڊڪشنريون، ڪي بورڊ ۽ ٻيا ڪارائتا وسيلا

What tools I utilize to translate content from English to Sindhi vice versa




#SindhiTranslations, #GoogleTranslate, #SindhiDictionary, #SindhiKeyboard, #Translations, #Transliterations, #Helpcontent, 

#SindhiLanguageEngineering, #SindhiLanguage, #SindhiWikipedia, #SindhiWiktionary, #JogiAsadRajpar, #JAR, #SindhiWikimedians


انگريزي کان سنڌي، سنڌي کان انگريزي ترجميڪاري ڪرڻ مھل آئون ڪھڙا اوزار (ذريعا) استعمال ڪندو آھيان. 

 

مانوارا پيارا سنڌي ساٿيو، 

 جيئي سنڌ، جيئي لطيف، جيـئي جھولي لعل، جيئي سنڌيت، جيئي سنڌي ٻولي، جيئي سنڌي لِپي. اسلام عليڪم، نمسڪار، رام رام، ھري اوم. 


جيئن تہ آئون #گوگل_ترجمو کي بھتر ڪرڻ، #وڪيميڊيا_ڪامنز، #ميٽا-وڪي، سميت ٻين وڪيز وغيرھ تي سانچن، ماڊيولز، پيجز وغيرھ جي متن، جملن، ۽ لفظن کي #انگريزي مان #سنڌيءَ ۾ #ترجمو ڪندو رھندو آھيان، ان لاءِ آئون مختلف آن لائن ذريعا استعمال ڪندو آھيان، توھان کي پڻ اھا ڄاڻ ڏيڻ چاھيان ٿو صرف ان سُٺي نيت سان Assuming a good faith تہ جيئن توھان پڻ ان طريقي ڪار جي پيروي ڪري، سنڌي انگريزي، انگريزي سنڌي ترجميڪاريون گوگل ترجمو، #وڪي_ڪامنز، #ميٽاوڪي وغيرھ تي ڪريو ۽ #سنڌي_ٻوليءَ جي ڊجيٽلائزيشن واري ڪم ۾ #سنڌي_قوم جا ھڪ باشعور ۽ ذميدار فرد ھئڻ جي ناتي پنھنجي حصي جي ڀاڱيداري نڀائي سگھو. 


 آئون انگريزي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ وقت گوگل ترجمو سميت ٻن ٽن الڳ الڳ آن لائن سنڌي ڊڪشنرين تي ھڪ ئي لفظ جون مختلف معنائون ڏسي چڪاس ڪري، وري ساڳئين لفظن کي اردو ڊڪشنرين ۾ اردو معنائون چڪاسي، گوگل ترجمو اردو پڻ چڪاسيندو آھيان ۽  پوءِ گوگل ترجمو تان مليل ترجمي ۾ انھن لفظن جي مختلف معنيٰ کي سامھون رکي پنھنجي طور تبديلي ڪندو آھيان ۽ ترجمو ڪندو آھيان. 


ترجمو ڪرڻ وقت ھي ذريعا استعمال ڪندو آھيان. 

1. گوگل ترجمو Google Translate

2. Sindhiyat.com. سنڌيت جي ڊڪشنري

https://sindhyat.com/database/SindhiRomanDictionary/


3. سنڌي ٻوليءَ اختياري جي آن لائن ڊڪشنري. 

http://dic.sindhila.edu.pk/


4. Ijunoon.com سنڌي ڊڪشنري

https://www.ijunoon.com/sindhi/


5. گلوبي سنڌي ڊڪشنري

Glosbe Sindhi Dictionary

گلوبي سنڌي ڊڪشنري جو ڳنڍڻو (لنڪ) ھن ريت آ👇

https://en.glosbe.com/en/sd


انھن سميت ٻيا انيڪ آن لائن اوزار ۽ پنھنجي سوچ سمجھ پڻ استعمال ڪندو آھيان. ڪڏھن ڪڏھن تہ ڪي ترجما پاڻ پنھنجي سمجھ جي حساب سان پڻ ڪندو آھيان جيڪي سولا لڳندا آھن. ڪجھ ڪم وارا سھڪاري ڳنڍڻا ھتي توھان سڀني لاءِ ونڊيان (شيئر ڪريان) پيو، اميد تہ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا. 


https://sindhiyat.com/database/SindhiDictionary


http://dic.sindhila.edu.pk/


https://www.ijunoon.com/sindhi


مواد کي سنڌيءَ ۾ لکڻ يا ترجما بھتر ڪرڻ وقت ھيٺيان آن لائن سنڌي ڪي بورڊ  پڻ ڪُتب آڻيندو آھيان. 


https://keymanweb.com/#sd,Keyboard_mbsindhi


https://sindhyat.com/keyboard/?text=ترجمو_ڪريو


https://www.branah.com/sindhi


http://www.lipikaar.com/online-editor/sindhi-typing


http://sindhikeyboard.sourceforge.net/


http://sindhsalamat.com/keyboard/


http://bhurgri.com/sd_editor.php


مٿي ٻڌائيل ڳنڍڻن (لنڪس) ۾ سنڌي نويس (سنڌي ايڊيٽر)، سنڌي چاٻي تختو (سنڌي ڪيبورڊ) سميت توھان کي اردو ڪي بورڊ بہ ملي ويندؤ. 


منھنجي پاران ميٽاوڪي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل ترجما سميت ٻين سڀني وڪيز تي ڪيل ترميمون، ترجما، صفحا ۽ مضمون ھن ڳنڍڻي تي گُھمي ڏسي سگھو ٿا. 


Global user contributions

 وڪيپيڊيا ۽ ان جي ڀينر رٿائن تي منھنجيون عالمگير واپرائيندڙ ڀاڱيداريون


https://tools.wmflabs.org/guc/?user=JogiAsad


🙏سنڌي ٻوليءَ  ادنيٰ خادم

جوڳي اسد راڄپر 

Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar