شادي وھانءُ رشتن ڪرڻ ۾ دير جا ڇا ڪارڻ آھن

*ٿورو سوچيو*



*نياڻين کي پنھنجي مرضيءَ سان #شادي نه ڪرائڻ جو ڏوھ زنده دفنائڻ کان گھٽ ڪونھي ۔  نياڻين کي نه رڳو پڙھائي ھنن کي تعليم ۽ شعور سان روشناس ڪرايو، پر ان سان گڏوگڏ  شادي جي رسمن رواجن کي برقرار رکندي ھنن جي راءء،  پسند ۽ ناپسند  پڇڻ ۽ ٻڌڻ  شفيق پيءُ ۽ ماءُ جو فرض ھجڻ گھرجي۔*

*ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري مائرُن کي سوچڻ کپي تہ سندن لاڏليون 18،19،20،21،22،23،24،25،26،27،28،29،30 31 سال جون جوڀن جواني واري ڄمار ۾ داخل ٿي چڪيون آھن اھو ئي درست وقت آھي تہ سندن لاءِ ڪو سُٺو، سلڇڻو، پڙھيو لکيو ڇوڪرو ڳولھين يا جيڪڏھن سندن نياڻين جي نظر ۾ ڪو اھڙو آھي تہ انھن کان پڇا ڪن، ڇوڪرين ۽ انھن جي مائٽن کي ھڪٻئي سان دوستاڻو ماحول ٺاھڻ کپي ۽ اھڙي ڪا ڳالھ ھڪٻئي کي ٻُڌائڻ ۾ ڪابہ ھٻڪ نہ ڪرڻ کپي، ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري امڙين ۽ ڇوڪرين کي پڻ سوچڻ کپي تہ ريڊي ميڊ مال دولت وارو ڪير بہ ناھي ھوندو، اڪثر ڇوڪرا سيلف ميڊ پڻ ھوندا آھن، تنھنڪري جيئن ئي ڪو رشتو توھان جي نياڻي لاءِ اچي تہ انھن ک ست اَٺ مھينن يا سال جا سال انتظار نہ ڪرايو جيترو جلد ٿي سگھي پنھنجي نياڻي لاءِ شادي جو آيل پروپوزل کي سويڪار (قبول) ڪريو يا کين ٺِپ جواب ڏيو. ھا نہ جو جواب ڏيڻ ۾ ايترو انتظار ڪرائڻ ٺيڪ عمل (رويو)  ناھي، وقت ھر ڪنھن جو قيمتي آھي جيڪو ھڪ ڀيرو ئي زندگي ۾ ايندو آھي ۽ واپس ناھي ايندو، پنھنجي وقت جو بہ قدر ڪريو ٻين جي وقت جو بہ قدر ڪريو، ڪنھن بہ انا ڪارڻ يا سبب ڪنھن کي بہ انتظار ڪرائي ڪنھن جو وقت ۽ زندگي برباد نہ ڪريو، رھجي ڪوئي ناھي ويندو، ڇوڪرن کي توھان جي لاڏلي نہ ئي سَھي پر ڪا ٻئي لاڏلي ملي ئي ويندي.*

*ٻيو تہ اسانجي #سماج ۾ خاص ڪري مسلمان مائٽ اھو وساري ويھندا آھن تہ شادي ٿيڻ سان نصيب کُلي پوندا آھن، جيڪڏھن ڪنھن ڇوڪري وٽ #روزگار ناھي يا اھو توھان جي منشا، خواھش پٽاندڙ ريڊي ميڊ يعني بنگلي، گاڏي، مال دولت وارو ناھي تہ ٿي سگھي ان ڇوڪري جي شادي ٿيڻ کانپوءِ ان جو نصيب کُلي پوي، يا گھر ٻار جي زميداري اچڻ تي ھو متان ڪمائڻ يا روزگار جو ڪونہ ڪو حل ڳولھي لھي، پر نہ اسانکي تہ ڇوڪرو اھو کپي جيڪو ريڊي ميڊ يعني مال دولت، گاڏي بنگلي سرڪاري نوڪري، بينڪ يا ٻئي ڪنھن #نوڪري وارو ھجي، اھا سوچ بدلايو ھاڪاري (پازيٽو) سوچيو. پنھنجو بہ ڀلو ڪريو ٻين جي ڀَلي لاءِ بہ سوچيو.*

*مونکي سماج جي ماڻھن جي اھڙي سوچ تي ڏاڍو افسوس ٿيندو آھي، ھڪڙا چوندا آھن تہ شادي ٿيڻ سان نصيب کُلي پوندو آ ، ۽ ان ڳالھ جو دليل حديث مان بہ پيش ڪندا آھن* تہ
*"نبي صہ وٽ ھڪ ماڻھو آيو ۽ چيو تہ منھنجي شادي ٿي وئي آ پر روزگار ناھي تنگي آھي کيس جواب مليو تہ ٻي شادي ڪري، ان ٻي شادي ڪئي وري بہ ساڳيا ٽڪر ساڳ سان، وري نبي صہ وٽ آيو ساڳئي ماجرا ٻُڌايائين کيس وري جواب مليو ٽين شادي ڪر نيٺ پوءِ اھڙي ريت ان جو بي روزگاري جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو."*

*پر سماج جا ماڻھو خاص ڪري ڇوڪرين جا مائٽ ان حديث جي پيروي نٿا ڪن، ۽ کين ريڊي ميڊ نياڻو (ڇوڪرين لاءِ مڙس)  کپي ٿو. افسوس آھي اھڙي سوچ تي ماڻھو پنھنجي مفاد خاطر سماجي، مذھبي اصولن کي بہ پاسيرو ڪن ٿا ۽ انھن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.*

*اھوئي ڪارڻ آھي جو اڄ ڪلھ #ڇوڪريون پنھنجي لاءِ سُٺو مڙس (پَتي) ڳولھڻ جي چڪر ۾ غلط ماڻھن جي ھٿ چڙھي پنھنجي زندگي، #ڪُنوارپ وڃائي ويھن ٿيون، ۽ نيٺ اڇا مٿا ڪري ڪنھن سُٺي ماڻھو جي انتظار ۾ گھرن ۾ ويـٺيون رھن ٿيون.*

*ٿورو سوچيو پنھنجون انائون ۽ ڊمانڊز گھٽ رکو تہ سڀ ڪم سولا ٿي پوندا.*

*اي سنڌ جا خيرخواه ۽ رکوالو نياڻين کي تعليم ڏياريو ته جيئن ھو ھن زھريلي معاشري ۾ صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪري سگھن۔*
يورپ ۾ شادي ڪرڻ لاءِ رڳو ڇوڪريءَ کي راضي ڪرڻو ھوندو آ، ھتي ڪنوار جو پيءُ راضي ناھي تہ ڪٿي ڀاءُ راضي ناھي يا ڇوڪري جي ماءُ راضي نٿي ٿئي، ان کي راضي ڪيو تہ وري پڦي، ماسي، چاچي، چاچو ڦلاڻو ڍينگڻو ٽيڻو ڪوئي نہ ڪوئي ناراض آ، نيٺ ائين ڇوڪريون بہ ويٺيون شادي جي انتظار ۾ وار چاندي ڪن، ۽ ڇوڪرا بہ، پوءِ وڃي شادي جي عمر کان بہ چڙھي وڃن ٿا. ھٺ ھوڏ، اجائي دير، آسرا سڀ ڪجھ اميدون نراسائي ۾ بدلائي ڇڏين ٿا. نيٺ ڪجي تہ ڇا ڪجي. جي سماج جي اھڙين نام نھاد ريتن رسمن کان ھٽي ڪري شادي جو ٻيو ڪو آپشن بہ سوچي يا ڪجي ٿو تہ وري بہ سماج، ذات برادري ڇوڪري جي مائٽن پاران آزار وڌي وڃي ٿو. ھي سماج ڪڏھن مثبت تبديلي آڻيندو🙍

#ج_ا_ر 🙏


Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar