ٿرپارڪر


ھي علائقو عظيم ٿر ريگستان جو حصو آھي،جيڪو هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف حصن تي پکڙيل آهي۔ٿر جو گھڻو حصو ھندستان جي 
راجستان رياست ۾ ملي ٿو ۽ اھو ھريانا  ۽ گجرات تائين پکڙيل آھي۔ پاڪستان ۾ ،ھي ريگستان سنڌ صوبي جي اڀرندي سرحدن تي
واقع آهي ۽ پنجاب جي ڏکڻ اوڀر وارن حصن تائين وڌيل آھي جتي اھوچولستان ريگستان سان ملي ٿو ۔ سنڌ ۾ ٿر پارڪر ضلعو هن
ٿرريگستان جي وڏي حصي مان هڪ آهي۔   ٿر ريگستان جي شروعات تڪراري آھي ڪيترن ئي تاريخدانن انھيءَ جي شروعات بابت
مختلف سبب ڏنا آھن، ڪجھ تاريخي حوالن مطابق پھريان اھو علائقو ذرخيز ھو ۽ اھو 1500 کان 2000 قبل مسيح  جي دوران ريگستان
۾ تبديل ٿيو۔ انھيءَ وقت، ھڪ ندي انھي علائقي ۾ وھندي ھئي جيڪا سنڌوماٿريءَ جي تھذيب لاءِ پاڻيءَ جو ذريعو ھئي۔ ڪجھ تاريخدان يقين
رکن ٿا تہ اھو ساڳئي ندي هئي جنھن کي سرسوتي ندي چيو ويندو هيو،جيڪا ويدن ۾ ذڪر ڪيل مکيا ندين مان هڪ آهي۔ ھن علائقي جي
باري ۾ ھندو ديومالا رامائڻ ۾ پڻ ذڪر ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ انکي لاونسگارا چيو ويو آھي جنھن جو مطلب آھي لوڻ وارو سمنڊ۔ 


                                     
سنڌوماٿريءَ جي تھذيب جي زوال ٿيڻ کانپوءِ سنڌ تي مختلف خاندانن حڪومت ڪئي، جن ۾ سومرا، سما، ارغون، ڪلھوڙا ۽ ٽالپور
شامل آھن۔ جيتوڻيڪ انهن حڪمرانن سنڌ جي مرڪزي ۽ اوڀرندي حصن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ اوڀرندي سرحدي علائقو جنھن تي ٿرپارڪر
مشتمل ھو، اھونظرانداز ڪيو ويو۔ جڏهن برطانيا ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو،جنرل چارلس نئپير، جيڪو برطانوي فوج جو هڪ ڪمانڊر هيو،
ان ٽالپرن کي شڪست ڏني ۽ 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي۔
جنرل چارلس نئپير سنڌ جو پھريون گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو۔ ھن ٿرپارڪر کي حيدرآباد جو حصو بڻايو۔1860ع ۾ ھن علائقي جو نالو‍
"اوڀرندي سنڌ سرحد" پيو، جنهنجو مکيا مرڪز عمرڪوٽ بڻايو ويو۔1882 ۾،برطانيا جي حڪومت صوبي کي مختلف انتظامي ڀاڱن (يونٽز)
۾ ورھائي ڇڏيو ۽ برطانوي حڪومت لاءِ اوڳاڙي (ٽيڪس) گڏ ڪرڻ لاءِ زميندارن کي مقرر ڪيو ويو۔ ان نفاذ جي تحت عمرڪوٽ کي
ضلعي جي حيثيت ڏني وئي۔1906 ۾، انھي ضلعي جي مکيا مرڪز کي عمرڪوٽ کان ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو۔
31 اڪٽوبر، 1990 تي اھو ضلعو "ٿر" ۽ "ميرپورخاص"  نالن سان ٻن ضلعن ۾ ورھايو ويو۔1994 ۾،عمرڪوٽ کي ٿر کان الڳ
ڪيو ويو ۽ انکي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ھاڻي ضلعو ٿرپارڪر ٿرريگستان جي ايراضين تي مشتمل آهي۔



Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar