بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

 بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾)  سکي سگھو ٿا 

جوڳي اسد راڄپر

JogiAsadRajpar

ڀاڱو ٽيون

ھڪ وڏي تعداد ۾ مفت ٽولز ۽ ڪورسز  آن لائن موجود آھن، ڪيتريون ئي مھارتون (ھنر، اسڪلز) آھن جيڪي توھان سِکي سگھو ٿا ۽ ھڪ بھتر فريلانسر ٿي سگھو ٿا ۽ توھان جي لاءِ روزي ڪمائڻ جي نوَن موقعن پيدا ٿيڻ جا امڪان ٿي سگھن ٿا.

خاص طور تي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي منصوبن ۾ واڌاري جي گنجائش آهي- مثال طور، ويب ڊزائين ۽ ڪاپي رائيٽنگ، يا اينڊرائيڊ ۽ گرافڪ ڊيزائن لاءِ ڪوڊنگ-  جن ۾اضافي مهارت حاصل ڪرڻ يا سِکڻ سان شايد توهان جي آمدني ۽ بازاريت (مارڪيٽيبل) ۾ اُھي واڌ ڪرڻ ۾ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا،  انهن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائي توھان پنهنجو ڪِرايو ادا ڪريو يا دنيا جو سفر ڪري سگھو ٿا.

فريلانسرز جي لاءِ هتي ويھ وڏيون قيمتي اعليٰ صلاحيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي توهان مڪمل طور تي مفت سکي سگهندا ۽ توھان پنهنجي ڪاروبار لاءِ نون امڪانن جي دنيا جا دروازا کولي سگهندا.

    Coding ڪوڊنگ

ڪوڊنگ بنيادي طور ڪمپيوٽر سافٽويئر پروگرامنگ جو اصطلاح آھي، ۽ ڪوڊنگ گھڻي ريت ڪمپيوٽر، آءِ ٽي، سافٽويئر انجنيئرنگ گريجوئيٽ جو پروفيشنل ڪم آھي، پر ٻيو ڪوبه ماڻھو دلچسپيءَ سان اھا سکڻ چاھي ته سِکي سگھي ٿو.گوگل ۽ ايپل ايپ اسٽور تي ٽيھ (30) لک کان وڌيڪ مختلف ايپس موجود آھن، ۽ ڪنھن ماڻھوءَ کي اھو ڪم ڪرڻو آھي ته کيس ڪوڊنگ سکڻي پوندي. اُھو ماڻھو توھان ڇو نٿا ٿي سگھو ڇا؟ جي ھا بلڪل توھان اھو ڪري سگھو ٿا، گوگل پاران تيار ڪيل ان ڪورس (ايڊروائيڊ)  وسيلي توھان مُفت ۾ اينڊرائيڊ ڊولپر بڻجي سگھو ٿا، ۽ توھان ڪوڊڪيڊمي تي  ڪوڊنگ جي ڪيترن ئي ڪارائتي ٻولين يعني ڪوڊنگ لينگوئجز کي مُفت ۾ پڻ سِکي سگھو ٿا. اُنھيءَ ھُنرَ (اِسِڪِلِز) جي چُونڊ ڪري اھي سِکڻ جي لاءِ ٽري ھائوس پڻ ھڪ بھترين آن لائن وسيلو آھي.

جيڪڏھن توھان مقامي طور مفت ۾ ڪورسز سکڻ چاھيو ٿا تھ ان لاءِ ھدايا انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جيڪو سنڌ يونيورسٽِي سوسائيٽي ڄامشورو ۾ آھي اُتان توھان ريگليولر چار مھينن جا مختلف آءِ ٽي، ويب، موبائل ڊولپمينٽ ۽ ٻين ڪُجھ ھنر جا سکيا ڪورسز ڪري سگھو ٿا (ٿيون) ۽ توھان کي اتي خرچي (وظيفو يعني اسٽائيپينڊ) پڻ ڏنو ويندو آھي.

ھسٽ جي ھيءَ ويب سائيٽ آھي https://histpk.org/

 ترجمو Translation

شايد توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻولي ۾ روانيءَ سان مهارت رکندڙ آهيو. پنھنجي اسڪل سيٽ کي وَڌائڻ جو هڪ ھي طريقو آھي ته توھان ٻئي ٻولي سِکو ۽ ھڪ ترجميڪار جي حيثيت سان ڪم جي ڳولھا ڪريو. ڇا توھان ڇَڙو ھڪ ٻولي ڄاڻيندڙ آھيو؟ ڪا ڳالھ ناھي ڊوولنگو ھڪ سَوِلي مُفت ايپ آھي جيڪا ڪجھ ئي ھفتن ۾ توھان کي ٻيون ٻوليون سيکاريندي آھي..

يا جيڪڏھن توھان گھڻو ملنسار ۽ خوش مزاج آھيو،  توھان انھن ٻولين ۾ رواني سان ڳالھائيندڙ ماڻھن سان اسڪائيپ تي ڪچھري (چيٽ) ڪري سگھو ٿا جيڪي توھان کي  ٻولي سيکاريندا، توھان پنھنجي شھر يا ڏيھ ايندڙ پرڏيھي پانڌيئڙن (ٽريولرز، ٽوئرسٽ)  سان ملي سگھو ٿا، ۽ انھن سان ڳالھ ٻولھ ۽ انھن جي ڳالھ کي ٻُڌي انھن جي ٻولي سکي سگھو ٿا.

گرافڪ ڊيزائين Graphic Design   

توڙي جو توهان سوچيو ته توهان مڪمل طور تي ڊرائنگ يا ٻئي وزيوئل آرٽس کي سکي ورتو آھي ، شايد توهان کي هڪ سٺو آرٽسٽ ٿيڻ جي لاءِ ڪڏهن به سٺو اوزار نه ڏنو ويو هجي. بيشمار ڪامياب گرافڪ ڊيزائنرز پنھنجو پاڻ سکيا ۽ انھن  صرف گرافڪ ڊزائن جا بنيادي اوزار سکڻ ۾ ڪلاڪ گذاريا ۽ اھي سکيا.

 

گرافڪ ڊزائن جا  اَڻ ڳڻيا گگز ۽ ايپ جھڙوڪ جي آءِ ايم پي ياپگزلر يا ويب سائيٽون جھڙوڪ ڪينوا موجود آھن جيڪي توھان کي ٽَڪو پئسو ڀرڻ کانسواءِ گرافڪ ڊزائن تي ماھر (ماسٽر) ٿيڻ جو موقعو ڏين ٿيون.

 

ويب سائٽ بلڊنگ Website Building

ڪنھن کي، جيڪڏھن پنھنجي ويب سائيٽ ٺاھڻ ۾ مدد جي ضرورت آھي، ۽ توھان اھو ڪم ڄاڻو ٿا ته اُھي توھان کي سُٺِي ادائگي ڪري سگھن ٿا. يا ته مفت ڪوڊنگ ڪلاسز منجھان يا ورڊپريس جو استعمال ڪندي سکڻ سان، اھو پھريان کان وڌيڪ  سَوِلو آھي ته ڪنھن به  ويب سائيٽ کي اسڪريچ منجھان ڪيئن ٺاھجي يا ڊزائن ڪجي، بغير ڪوبه پئسو ڏوڪڙ ڀرڻ جي توھان اھو سکي سگھو ٿا. آن لائن ڪلاسز جيڪي مناسب پئسو ڏئي سکي سگھجن ٿا، ۽ ٻيا وسيلا پڻ موجود آھن جيڪي توھان لاءِ ويب سائيٽ بلڊنگ جي سکيا کي تيز ڪري سگھن ٿا.

بلاگ لکڻ Blog Writing

جيڪڏھن توھان پنهنجو پاڻ کي ليکڪ محسوس ڪريو ٿا پر لکڻ لاءِ ڪڏهن قلم نه کنيو آهي؟ پوءِ به اهو ٺيڪ آهي ، اڄڪلھ اڪثر مواد آن لائن آهي، تنهن ڪري توهان کي گگز لکڻ  ۾ ڏکيائي نه ٿيندي. نڪو ائين ناھي آئون مزاق پيو ڪريان! سٺو ليکڪ ٿيڻ جو بهترين طريقو لکڻ آهي. جيترو توھان لکندا اوترو توھان بھتر لکڻ سکي ويندوُ. صلاحيتون توھان جي اندر لڪل آھن رڳو انھن کي ڳولھي لھي ٿورڙي پالش ڪري اُڀارڻ جي ضرورت آھي، ۽ مشق ڪرڻ سان توھان بھتر لکڻ لڳندا.

پھرئين ڪو به توهان کي پئسن جي ادائگي نه ڪندو، پر جيڪڏهن توهان گھڻي مشق (پريڪٽس) ڪيو ته اهو وقت کان اڳ جي ڳالهه هوندي ، توهان وٽ بلاگ پوسٽون ٺاهڻ يا ٻين گراهڪن لاءِ ڪاپي رائيٽنگ لکڻ جي مهارت هجڻ ضروري آهي. توھان جي پنهنجي لکڻ جي صلاحيت کي اُڀارڻ لاءِ ورڊپريس ، بلاگر يا ميڊيم رُڳو ڪيترن ئي مفت پليٽ فارمن جا ٽي وسيلا آهن.

ESL Teaching اي ايس ايل سکيا (اي ايس ايل ٽيچنگ

توهان انگريزي ۾ سٺي رواني رکو ٿا. جيتوڻيڪ انگريزي هڪ سيڪنڊ لئنگئيج (اي ايس ايل) طور ٻاهرين اسڪولن ۾ عام طور تي انهي جي ضرورت هوندي آهي ته سندن اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ استادن کي سيکارڻ لاءِ مڃتا (ايڪريڊيئيٽڊ) ماڻيل ھجي (ايڪريڊيئشن ھڪ اھڙي شيءَ جنھن تي بدقسمتيءَ سان پئسو لڳندو آھي)، توھان پَڪ سان اھڙن ماڻھن کي ڳولھي سگھو ٿا جيڪي توھان کي اسڪائيپ يا گوگل ھينگ آئوٽ جي وسيلي انگريزي ٽيوشن پڙھائڻ جي مُناسب قيمت يا فيس ڏيڻ جي لاءِ تيار  ھجن.

 

تجزيي جي وضاحت ۽ ترجماني ڪرڻ (اَنڊراسٽينڊنگ ائنڊ انٽرپريٽنگ اينالئٽڪس

Understanding and Interpreting Analytics

ايس اي او (سرچ انجن اوپٽيمايزيشن) ۾ زبردست ڪريش ڪورس ۽ گوگل اينالائيٽڪس سان لاڳاپيل سڀني شين لاءِ گوگل جي مھرباني. اُھو مُفت ڪورس ڏاڍو قيمتي آھي، ھينئر بھتر آھي، اڃا به بهتر، توهان  گوگل پلس تي پنھنجي سکندڙ ساٿين ۽ اينالائيٽڪس سان ڀريل گوگل جي ٻين فورمز تي جُڙي سگھو ٿا، انھيءَ وسيلي توھانکي ان لائق موقعو ملندو ته توھان کي انھن ماڻھن جن ان کي ٺاھيو آھي  تِن کان  توھان کي مارڪيٽ جي صلاحيتن کي سکڻ جي اجازت ڏني وئي آھي.

 فوٽوگرافي Photography

مان اهو ڀائنيان پيو ته جيڪڏهن توهان وٽ اڳ ۾ ئي بنيادي پوائنٽ ائنڊ شوٽ ڊجيٽل ڪئميرا نه آهي، ته توهان وٽ شايد سمارٽ فون ھوندو جنھن سان توھان سُٺيون تصويرون ڇڪي سگهو ٿا.  هر آئي فون سان پورٽريٽ ليول جون تصويرون ڇڪڻ جي صلاحيت هوندي آهي، ۽ ساڳئي فنڪشنلٽي اينڊرائيڊ فون ۾ پڻ ھوندي ته توھان پورٽريٽ ليول جون تصويرون ڪڍي سگھو- اهو ڇَڙو  گھڻي مشق ڪرڻ جي ڳالھ آهي ۽ پنھنجي اکين جي  وسيلي توھانکي سمجھ اچي ته جنھن شيِ جي توھان تصوير ڇڪيو پيا،  سا ڪيئن ۽ ڪھڙي مھل فوٽو ڇڪڻ جي لاءِ سٺي آھي يا ناهي.

ڪُجھ فلڪر تي ڏسو ته ماڻھن جون اُتي رکيل تصويرون ڪيئن ڇڪيل آھن انھن منجھان اُوتساھ وٺو، ۽ پوءِ جڏھن توھان جو پنھنجو فوٽوگرافي پورٽ فوليو (پورٽفوليو، يعني توھان جي ڪم جو ھڪ رڪارڊ) جُڙي راس ٿئي ته پوءِ توھان پنھنجي گراھڪن (ڪلائينٽس) جن کي فوٽوگرافي ڪم جي ضرورت آھي تِن کي تصويرن جا نمونا (سيمپلز) ڏيکاريو  ۽ ڪم (جاب) حاصل ڪريو. جيڪڏھن  توھان ڪنھن گراھڪ (ڪلائينٽ) جي لاءِ اڳ ۾ ئي ڪنھن ريت جو مواد (ڪنٽينٽ) تيار ڪري رھيا آھيو  ته اھا خاص طور تي ھڪ واڌارُو (اضافي)  خدمت (سروس) آھي.

وڪيپيڊيا ڀاڱيدار Wikipedia Contributor

ڇا توھان اڳ ۾ ڪڏھن وڪيپيڊيا آرٽيڪل لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي؟ وڪيپيڊيا تي مواد جي سارَسَنڀال ڪندڙَ (ڪنٽينٽ ماڊريٽرز) وڪيپيڊيا پاليسيز تحت مواد جو پورائو لھڻ تي  ڏاڍا  سخت آھن، پر اھا ھڪ سُٺِي ڳالھ آھي، ڇاڪاڻ ته وڪيپيڊيا تي مضمون (آرٽيڪل) ڇاپڻ جيترو سخت آھي، ايترو ئي  وڌيڪ ٻيا ماڻھو پنھنجو ڪم لاءِ ٻين کي ادائيگي ڪرڻ تي راضي ٿيندا آھن، گھڻي ئي صبر ۽ ٻاجھاري نموني سان توھان ٻين وڪيپيڊئنز کان سُٺو لکڻ واري ھنر جو دَڳُ سکي سگھو ٿا  ۽ پوءِ وڪيپيڊيا جي پَنن (صفحن) کي لکڻ وسيلي توھان پنھنجي گُزاري ۽ خرچ پاڻيءَ  لاءِ ڏوڪڙ  ماڻي سگھو ٿا. منھنجو اندازو  آھي ته توھان شايد بي ترتيب حقيقتن (رينڊم فيڪٽس) کي انھيءَ ريت سِکي سگھو ٿا.

ھتي اھو ياد رکڻ کپي ته وڪيپيڊيا ھڪ انسائيڪلوپيڊيا آھي، جنھن تي مواد رکڻ يا لکڻ جا ڪُجھ رھنما اصول  ۽ پالسيون  موجود آھن جن ۾ ڪجھ مختصر ٻُڌايان ٿو ته توھان جيڪو مضمون وڪيپيڊيا تي لکو ته اھو ڪٿان ٻئي ھنڌان ڪاپي پيسٽ ڪري نه لکو، مضمون جو عنوان يا سبجيڪٽ معروف ۽ مشھور ھجي، جنھن جي لاءِ توھان کي مواد لکڻ جا مختلف اخبارن جي ويب سائيٽ، آن لائن ڪتابن، تنظيمي، سرڪاري، تعليمي، سائنسي ويب سائيٽن تان حوالا ملي سگھن، بلاگز جا حوالا ڪمزور حوالا سمجھيا ويندا آھن، جيڪي ڀروسي لائق ناھين سمجھيا ويندا، تنھنڪري بلاگز جا حوالا ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، مواد ۾ صفتون، مضمون جي عنوان ۾ عھدو ناھي لکيو ويندو جھڙوڪ پروفيسر، ڊاڪٽر  وغيرھ، وڪيپيڊيا تي  بھتر لکڻ جي لاءِ ھڪ ته توھان کي اڳ اتي موجود بھترين ۽ چُونڊ مضمون پڙھڻا پوندا ۽ سمجھڻو پوندو ته انھن جي لکت جو انداز يا ڍنگ يا بناوٽ ڪيئن آھي، مواد يقيني طور اَڻ ڌُريو (نيوٽريل) ھجي، ۽ حوالا سميت ھجي، وڌيڪ وڪيپيڊيا جون پالسيسون ۽ رھنما اصول، سبق موجود آھن سي پڙھي سمجھي پوءِ توھان وڪيپيڊيا تي بھتر لکي سگھو ٿا. ھن حوالي سان ھڪ بلاگ اڳ ئي ھتي لکيو ھيم، ۽ ايندڙ وقت ۾ پڻ ان حوالي سان وڌيڪ بلاگز لکندس.

پروف ريڊر / ايڊيٽر Proof Reader / Editor

پنھنجي ھٿن ۾ لازوال تَت جي انداز جي ھن مفت آن لائن ڪاپي سان، توھان ٻين ماڻھن جي ڪم کي پروف ريڊنگ ۽ ايڊٽ يعني ترميم يا سنوارَ ڪرڻ جي ھنر ۾ مھارت حاصل ڪري سگھو ٿا. جڏھن توھان ان بابت سوچيو ته گرامر بف (گرامر جو ماھر) ھجڻ لاءِ ادائيگي ملڻ واقعي ۾ ڏاڍي گھڻي چڱي ڳالھ آھي

سوشل ميڊيا Social Media

ٿي سگھي ٿو ته مون پاران ھتي بيان ڪيل ھن فھرست ۾ ھڪ شيءِ جنھن جي توھان کي گھٽ ۾ گھٽ وقت ۾ تربيت ڏيڻي پوندي اھا ھيءَ آھي ته توھان ڪنھن ڪمپنيءَ لاءِ سوشل ميڊيا مھم (سوشل ميڊيا ڪيمئيپن) کي سنڀالڻ سکو. جيڪڏھن توھان وٽ ماڻھن جو ڌيان ڇڪائيندڙ مواد يا ڪنٽينٽ ٺاھڻ واري سگھ آھي ته توھان جي مھارت کي سڌوسنئون سماجي چينلَ (سوشل چينلز) جي ترتيب يا انتظام سنڀالڻ تي لاڳو ڪري سگھجي ٿو.   جيڪڏھن توھان کي پَڪ ناھي ته سوشل ميڊيا گُرو ٿيڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻو ھوندو آھي، ته ھتي توھان جي سھائتا (مدد) جي لاءِ ھڪ مفت رھنمائي آھي.

پراڊڪٽ ڊسڪرپشن ڪاپي رائيٽر Product Description Copywriter

ايميزون ، اي بي، دراز، ٽيلي مارٽ ۽ ٻين اي ڪامرس ويب سائيٽن تي روزانو وڪرو ٿيندڙ شين جي گزيليئين (وڏي تعدا د) لاءِ کين ڪنهن اھڙي ماڻھوءَ جي گُهرج ھوندي آھي جيڪو گھڻي بَڪ بَڪ (واتڙيو گھڻو ڳالھائيندڙ)  واري صلاحيت سان نوازيل ھجي (مطلب سيلز ڪرڻ جي لاءِ گھڻو ڳالھائي سگھڻ وارو ھجي). پراڊڪٽ جي وضاحت ڪيئن لکجي جو طريقو سکڻ جي لاءِ وقت ڏيڻ کان وڌيڪ ڪجهه گهربل ناھي ھوندو. .

جيڪڏھن توھان ايميزون تي ڪنھن قِسم جي سڀ کان وڌيڪ وِڪرو ٿيندڙ شين ڏانھن نھاريندا  ته توھان کي اھو ڏسڻ ۾ گھڻي دير نه لڳندي ته انھن ۾ عام شيون ڪھڙيون آھن، گريٽ سيلز ڪاپي. نوٽ ڪريو ۽ ايسيتائين مشق (پريڪٽس) ڪريو  جيسيتائين توھان پاڻ پنھنجي ڪم کي اھڙيءَ ريت اثرائتي طريقي سان وڪرو نٿا ڪري سگھو جيترو ھن ھمراھ جعلي آئي فون اسٽش ڪيسز وڪروڪيا.

 

رزيوم رائٽنگ Resume Writing

رزيوم بابت ماڻھن ۾ ڪجھ اھڙو خيال آھي جيڪو ماڻھن کي ڊپ ڏياري ٿو. اصل ۾، اھو ھڪ سيلز ڪاپي رائٽنگ (جيڪو ھن کان مٿي بيان ڪيو اٿم) جو رُڳو ھڪ ورزن آھي. سُٺِي رزيوم لکڻ جي سکيا لاءِ توھان ڇا ڪريو ته  توھان لِنڪڊاِن کي چڪاسيو ۽ انھيءَ سوڀارو (ڪامياب) ھمراھ (ماڻھوءَ) کي ڳولھيو جنھن کي توھان ذاتي ريت سُڃاڻو ٿا. انھن  جي پَني (پيج) منجھان اُتساھ وٺو،  ۽ جڏھن ھڪ ڀيرو توھان پنھنجوتجربو پُختگي يعني پرفيڪشن  ڏانھن موڙي ويندُو ته  توھان کي ٻين جي لاءِ اھو ڪرڻ ۾ ڪوبه اھنج نه ٿيندو.

يوزر ٽيسٽنگ User Testing

توهان بنا ڪنهن واڌارو (ايڪسٽرا) مهارت سکڻ کانسواءِ ، ايپس ۽ ويب سائيٽن کي چڪاس (جانچ، ٽيسٽنگ)  لاءِ 30$/في ڪلاڪ (اکرين ٽيھ ڊالر في ڪلاڪ) ڪمائي سگهو ٿا. توهان کي اھو ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ جي ضرورت پوندي ، پر ان کانسواءِ توهان کي بس گهڻو ڪجهه ڏيکارڻو پوندو، اھو ڪريو جيڪو ڪجھ توهان کان پڇيو وڃي، ۽ پنهنجو پئسو ڏوڪڙ وٺو.

پي لپ سروس Pay Lip Service

جيڪڏھن مٿئين ھنرن سکڻ يا انھن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائڻ  سڀ ڪجهه ناڪام ٿي وڃو ۽ توهان ڪجهه اضافي پئسو ڪمائڻ لاء اڳتيِ سوچي ئي نٿا سگهو، ته توهان لفظي طور تي لپ سروس جي قيمت وٺي سگهو ٿا. پريشان نه ٿيو، اهو گندي ناهي جيترو اهو اُچارڻ ۾ اچي پيو.

وڊيو ايڊيٽنگ Video Editing

وڊيو ايڊٽنگ اسڪلز توھان کي يوٽيوب چينل لاءِ پڻ ڪم ايندي، ۽ توھان مخلتف فريلانس مارڪيٽ تي وڊيو ايڊٽنگ جي سروسز آڇ ڪري پئسا ڪمائي سگھو ٿا.

 

يوٽيوب تي ڪنھن قسم جو به چينل ٺاھيو، ان تي وڊيوز وسيلي توھان ڏوڪڙ ڪمائي سگھو ٿا، پر ان ۾ گھڻي محنت ۽ وقت لڳندو آھي، يوٽيوب جون ڪجھ گھُرجون ھونديون آھن جيڪي جيئن ئي توھان جي چينل لاءِ پوريون ٿينديون ته توھان جي چينل تي مونوٽائيزيشن لاڳو ٿي ويندي ۽ وڊيوز دوران ھلندڙ ايڊ يا اشتھار جا توھان کي پئسا ملڻ لڳندا. پر ھي يوٽيوب وارو ڪم فريلانسگ سان جُڙيل ناھي، پر وڊيو ايڊٽنگ ۽ اينيميشن ضرور فريلانسنگ سان جُڙيل آھي..

ويب ڊزائنر Web Designer

ويب ڊيزائنرز ويب پَنن (ويب پيجز) جو ڏيکَ ۽ لي آئوٽ  ٺآھيندا آھن. مختلف ادارا جن ۾ خيراتي ادارن کان وٺي نوان شروع ٿيندڙ ادارن ۾ ھيءَ اسڪل يا ھنر رکندڙ ماڻھن جي ھڪ وڏي کيپَ (ڊيمانڊ) آھي.   ھن ھنر وسيلي توھان کي وڏي اثرائتي رِٿائن (ھاءِ امپيڪٽ پراجيڪٽس) تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي.

ورچوئل اسسٽنٽ Virtual Assistant

ورچوئل اسسٽنٽ جنھن کي ورچوئل آفيس اسسٽنٽ پڻ سڏجي ٿو، جنھن وسيلي ھڪ آزاد ڪم ڪندڙ يعني فريلانسر پنھنجيون ايڊمنسٽريٽو سروسز گراھڪن (ڪلائينٽس) کي آڇي پئسا ڪمائي سگھي ٿو.  ھي اسڪل تمام گھڻي لچڪدار آھي اھا ائين ته توھان جنھن ڪم ۾ مھارت رکو ٿا توھان کي اھو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، فرض ڪريو توھان انتظامي (ايڊمنسٽريٽو) ڪم ڪار ۾ مھارت رکو ٿا ته توھان ڪنھن اداري جو انتظامي ڪم ھڪ ورچوئل اسسٽنٽ طور پنھنجيون خدمتون (سروسز) آڇڻ سان  ڪمائي سگھو ٿا.  ورچوئل اسسٽنٽ وارو ڪم خاص نموني پنھنجي گھر منجھان آفيس ۾ ويھي ڊاڪيومينٽس پلاننگ، ميٽنگز شيڊيولنگ جو ڪم ڏورانهون ھنڌ ( رموٽ لوڪيشن) کان ڪري سگھي ٿو.  فليڪس جابز  پاران ڪيل جاب لسٽنگ جي ھڪ لک اڀياس منجھان، پروڙ ٿي ته ورچوئل ايڊمنسٽريشن ٽاپ پنج تيز وڌندڙ ڏورانھون ڪيريئر (رموٽ ڪيريئر) منجھان ھڪ ھئي.

ڪنٽينٽ رائٽنگ Content Writer

ڪنٽينٽ رائٽنگ جو ھڪ وڏو ڪم فريلانس مارڪيٽ ۾ موجود آھي، جيڪڏھن توھان ڪنھن به موضوع تي سُٺو لکي سگھو ٿا ته ھيءَ اسڪل يا ھنر توھان جي لاءِ بھترين چُونڊ آھي، جنھن وسيلي توھان ھڪ فريلانسر طور پئسا ڪمائي سگھو ٿا. ھن اسڪل لاءِ توھان وٽ انگريزي تي مھارت ھئڻ گُھرجي.  ھن ۾ توھان کي روان حالتن (ڪرنٽ افيئرز)، خبرن، سان ٽچ ۾ رھڻو پوندو، ۽ توھان جي عام معلومات (جنرل ناليج) پڻ بھتر ھجي.

,  ھن سان لاڳاپيل ٻئي اسڪلز لاءِ ڏسو ڪنٽينٽ ايڊيٽر، ويب سائيٽ ڪنٽينٽ رائٽر، ڪنٽينٽ ڊزائن ڪنٽيٽ ڪريئيشن، رائٽنگ آڪيپويشنز جي فھرست

فريلانس جرنلسٽ Freelance Journalist

فريلانس جرنلزم اَٽڪل ٻن صدين کان موجود آھي، جيڪو سدائين ڊيمانڊ ۾ آھي.فريلانس جرنلزم ۾ صحافي اسٽوري جي ڳولھا ڪندا آھن ۽ اھا ٽي وي ، نيوز پيپر، يا مخلتف پبليڪيشن کي وڪرو ڪندا آھن. گھڻي ريت فريلانس جرنلسٽ پنھنجي خاص موضوع تي ڪم ڪندا آھن جھڙوڪ انجنيئرنگ، سير سپاٽو، ڏوھ وغيرھ.

 

ڀاڱو پھريون  پڙھو

جوڳي اسد راڄپر

جوڳي اسد راڄپر فريلانس ڪنٽينٽ رائٽر، ٽرانسليٽر ۽ اينڊرائيڊ ايپ ڊوپلر آھي، 

جڏھن ھي لفظن جي رچنا تي ڪم ڪندو آھي تنھن مھل ھي موسيقي پڻ ٻُڌندو آھي





Comments

  1. توھان ڪجھ اسڪلز اڃان مس ڪيان آھن پر توھان جي محنت ڏاڍي سٺي لڳي مولا ج توھان کي اجر ڏيندو

    ReplyDelete
  2. جي ھائو، ادا ھنر (اسڪلز) گھڻيون جام آھن، ٿي سگھي ٿو ڪجھ رھجي ويون ھجن ، اُنھن بابت وري ٻئي ڀيري ضرور لکندس. توھان پڙھندڙن جي راءِ جي وڏي مھرباني، توھان جي فيڊ بيڪ مون لاءِ اھميت رکي ٿي

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar