سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون ڪريو، سنڌي وڪيپيڊيا کي ترقي ڏيارڻ ۾ پنھنجو فرض ۽ ڪردار نڀايو


جيڪڏھن توھان سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ چاھيو ٿا/ٿيون تہ ان لاءِ ھي مضمون توھان جي رھنمائي ڪندو

سنڌي وڪيپيڊيا جو ويب يوآرايل ھن ريت آھي

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ لاءِ توھان وٽ وڪيپيڊيا کاتو (اڪائونٽ) ھجڻ گھڻو ئي لاڀائتو آھي،پر جيڪڏھن کاتو ناھي پوءِ بھ توھان مضمون لکي سگھو ٿا پر اھو طريقو گھڻو ساراھيو ناھي ويندو.

مرحلو پھريون:
سڀ کان اڳ توھان پنھنجو وڪيپيڊيا کاتو (اڪائونٽ) ٺاھيو
سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو ٺاھڻ جي لاءِ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي مُک پَنو تي وڃو ۽ مٿي کاٻي پاسي تي ھڪ بٽڻ ملندو کاتو . ٺاھڻ لاءِ ان تي وڃي توھان کاتو ٺاھي سگھو ٿا. ان لاءِ ھي ھڪ سکيا وڊيو ڏسو
 توھان يوٽيوب تي سنڌي وڪيپيڊيا چينل تي سکيا وڊيو ڏسو
ھڪ وڊيو ھوندو سنڌي وڪيپيڊيا تي اڪائونٽ ڪيئن ٺاھجي؟. بابت

مرحلو ٻيو:
ھاڻي جيئن تھ توھان جو سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو ٺھي چُڪو آھي تنھنڪري توھان ھاڻي ڪنھن بھ ماڳ، جڳھ، ملڪ، ماڻھو (جيڪو معروف ھجي) ۽ ڪنھن بھ موضوع بابت توھان مضمون لکي سگھو ٿا، ياد رکو تھ وڪيپيڊيا ھڪ انسائيڪلوپيڊيا آھي ۽ وڪيپيڊيا ۽ ڪنھن اخباري ايڊيٽوريل آرٽيڪل ۾ لکت ڍنگ انداز جو وڏو فرق ھوندو آھي، وڪيپيڊيا تي رڳو ڄاڻ ڏيڻ تحت مضمون لکيا ويندا آھن ۽ قابل قبول آھن، مطلب تھ توھان مضمون ۾ انگ اکر ۽ حقيقتون (فيڪٽس ائنڊ فگرز) بيان ڪري سگھو ٿا. مضمونن ۾ صفتون ناھين لکيون وينديون. وڌيڪ اھڙين ٻين ھدايتن لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪجھ رھنمائي سبق ۽ مدد صفحا 
موجود آھن اھي پڙھي سمجھي وٺو تھ وڪيپيڊيا ڇا آھي ، وڪيپيڊيا تي مضمون ڪھڙي انداز ۾ لکڻا ھجن ٿا.

ڌيان ۾ رکو: تہ جيڪو مضمون توھان لکڻ چاھيو تہ اھا پَڪ ڪريو تہ توھان جنھن موضوع/عنوان بابت مضمون  لکڻ چاھيو پيا، سو سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪٿي اڳ تہ ساڳئي عنوان/نالو يا ٿورو مَٽيل نالي سان موجود تہ ناھي؟ ان پڪ ڪرڻ لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا تي کاٻي پاسي کان مٿي ڳولھا وارو خانو Search box ۾ ان مضمون جو عنوان لکي ڳولھا ڪريو، جيڪڏھن توھان کي ڳولھا نتيجن ۾ اھو مضمون نيرو رنگ Blue color سان نظر اچي تہ مطلب اھو مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي اڳ لکيل . (موجود) آھي، توھان ان تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اھو پڙھي سگھو ٿا، جيڪا ڄاڻ ان ۾ کُٽل ھجي جيڪا توھان سمجھو ٿا تہ توھان وٽ ان موِضوع بابت ڄاڻ آھي تہ مٿي سنواريو يا وسيلو سنواريو بٽڻ تي ٺِڙڪ ڪري ان ۾ اھا ڄاڻ، مواد جو واڌارو 
ڪري سنواريو ۽ پوءِ صفحو ڇاپيو تي ٺِڙڪ ڪري ڇڏيو، توھان جون تبديليون ڇاپجي وينديون.

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي؟
چينل کي سبسڪرائب ضرور ڪجو ۽ گنٽيءَ جي بٽن تي نشان لڳائجو تھ جيئن توھان کي وڌيڪ سکيا وڊيوز سولائيءَ سان ملي سگھن.
يوٽيوب تي سنڌي وڪيپيڊيا چينل جا اھي سکيا وڊيوز ھڪ ڀيرو پورا ڏسي وري ان کي پلي ۽ پاز Play & Pause ۾ ھلائيندي وقت اوين ڪريو جيئن انھن وڊيوز ۾ سيکاريو ويو آھي.




مرحلو ٽيون:
جيڪڏھن توھان جو ڳولھا ڪيل عنوان ڳولھا نتيجن ۾ ڳاڙھو رنگ  ۾ نظر اچي تہ ان جو مطلب توھان جنھن موضوع تي مضمون لکڻ چاھيو پيا سو سنڌي وڪيپيڊيا تي اڳ موجود ناھي پوءِ توھان ان کي لکي سگھو ٿا، ان لاءِ ان ڳاڙھي اکرن تي ۽ ٺِڙڪ ڪريو ايڊيٽر کُلي ايندو اتي وڃي مضمون جو مواد لکو. ۽ سنوارون يا تبديليون ڇاپيو بٽن تي ٺڙڪ ڪريو. توھان جو مضمون ڇپجي ويندو ۽ ھڪ سينئر ايڊيٽر يا ايڊمن ان کي نظرثاني ۽ گشت ڪندو.

سنڌي وڪيپيڊيا فيس بڪ پيج تي پڻ گھڻو ئي مواد ان حوالي سان موجود آھي سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج تي پُراڻيون پوسٽ پڙھو
جيڪڏھن ڪوئي سوال يا مُونجھارو ھجي تھ توھان ھتي ھن بلاگ جي ڪمينٽس واري ڀاڱي ۾ سوال پُڇي سگھو ٿا . ان سان گڏوگڏ توھان جي سوالن جا جواب يوٽيوب سنڌي وڪيپيڊيا چينل تي پڻ ڪمينٽس ۾ ڏنا ويندا.



.



Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar