عطا محمد ڀنڀرو

عطامحمد ڀنڀرو

 (انگريزي ٻولي: Atta Muhammad Bhanbhro)(جنم:01 فيبروري 1936ع-وفات: 03 جون 2020ع)    

سنڌ جو ناميارو محقق، اتھاسڪار (تاريخدان)، سنڌيڪار ۽ قلمڪار، ھُيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. کيس حڪومت پاڪستان ايوارڊ ڏيڻ لاءِ پڻ منتخب ڪيو پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو



شروعاتي جيون ۽ تعليم

عطا محمد ڀنڀرو پھرئين فيبروي 1936 تي سوڀوديرو ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي ھڪ اسڪول منجھان حاصل ڪئي، ميٽرڪ جي تعليم گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ منجھان حاصل ڪيائين. بي اي جي ڊگري ممتاز ڪاليج خيرپور منجھان حاصل ڪيائين، ۽ وڪالت جي ڊگري ايل ايل بي ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ منجھان حاصل ڪيائين. قانون جي ڊگري ماڻڻ کانپوءِ وڪالت جي پريڪٽس گمبٽ ۾ ھڪ وڪيل ھادي بخش شيخ سان گڏ ڪيائين، ۽ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ وڪيل شيخ اياز سان پڻ گڏجي وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين.

 

ساھتي خدمتون

عطا محمد ڀنڀرو 1967 ۾ ھڪ رسالو ھوشو  پڌرو ڪيو،  ھن پنھنجيون لکڻيون ھوشو رسالو سميت ٻين رسالن ۾ پڻ ڇپايون. 1980 ۾ ايراني ٻاراڻي ساھتيا جو ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيائين. ان سان گڏگڏ انگريزي ۽ روسي ٻولين منجھان پڻ ٻاراڻو ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين. پاڻ 1989 ۾ حيدرآباد اچي رھائش اختيار ڪيائين، جتي ھن ھينري ڪزنس جو ڪتاب ترجمو ڪري سنڌ جا قديم آثار  نالي سان پڌرو ڪيائين.

عطا محمد ڀنڀرو 84 سال جي ڄمار ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ 3 جُون 2020 تي پرلوڪ پَڌاري ويو.

 


Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar