مڙس وڪرو لاءِ



*مُڙس وڪرو لاءِ*





بازار ۾ ھڪ نئون دُڪان کُليو ھيو، جِتي مُڙس وِڪرو ڪيا ويندا ھُيا، اُنَ ھَٽَ (دُڪان) جي کُلڻ سان ئي زائفائن (نارين، اِسرتين، عورتن) جو ھُجوم بازار ڏانھن ھَلي پيو، سڀئي دُڪان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بي چين ھُيون 

دُڪَانَ جي داخلي دَرَ وَٽِ تخطي (بورڊ) تي ڪُجھ * ھِدايَتُون ۽ شَرِطُون * لِکِيَل ھُيون: 

ھِن دُڪان ۾ ڪا بہ اِستري (#عورت) يا ناري (ڇوڪري) رُڳو ھڪ ڀيرو ئي داخل ٿي سگھي ٿي، ھي دُڪان ڇَھن ماڙين (منزلن)  تي پکڙيل آھي ۽ ھر ماڙِيءَ (منزل) تي مُڙِسالن (گھوٽَنِ) جي قِسمَن بابت ڳُڻَ (خاصيتون، فيئچرز) لکيل آھن.

خريدار عورت ڪنھن بہ ماڙِيءَ تان مُڙِسَالو (گھوٽَ) جي چُونڊ ڪري سگھن ٿيون

 پَر ھِڪُ ڀِيرَو مَٿِي وڃَڻ کانپوءِ ٻيھَر ھيٺِ نٿي اچي سگھي سواءِ ٻاھر نِڪرڻ جنھن لاءِ دَروازو اڳيان ملندو 

ھُجومَ مان ھِڪَ سُھِڻي (خوبصورت) ناري (ڇوڪري) ءَ کي دُڪانَ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مِلي ويو سا ھَلَندي وئي ۽ ڏِٺو تہ 

پَھرئين ماڙِ (منزل) جي دَر تي لکيل ھُيو 

جا مُڙِسَ سُٺي روزگار وارا ۽  (اللہ، ڀڳوان) جا نيڪ ٻانھا آھن ھن ماڙِ  

*ناري اڳتي وَڌي وئي ....*

ٻِئي ماَڙِ جي دروازي تي لِکِيل ھُيو:

ھن ماڙ تي ملندڙ مُڙس روزگار وارا ۽ اللھ، ڀڳوان جا نيڪ ٻانھا آھن، ۽ ٻارڙن کي پسند ڪندا آھن."

*ڇوڪِري ٻيھر اڳتي وَڌي وئي...*

ٽِئين ماڙِ تي لِکيل ھُيو:

”ھن ماڙ جا مُڙسالا (مُڙس) پنھنجي ڌنڌي (ڪاروبار، بزنس) سان واڳيل آھن، اللہ، ڀڳوان جا نيڪ ٻانھا آھن، ٻارڙن کي پسند ڪندا آھن ۽ سُندر (خوبصورت) بہ آھن.." 

*ھي ليکُ پَڙھي ڇوڪِري ڪُجھُ دير تائين بِيھي رھي پرَ وري اُھو سوچيائين تہ چَڱَو ھڪ ماڙِ کان اڃا مَٿي وَڃي ڏسجي*

چوٿئين ماڙِ جي دروازي تي لِکيل ھُيو:

 ”ھن ماڙِ جا مُڙس روزگار وارا، اللہ (ڀڳوان) جا جا نيڪ ٻانھا آھن، ٻارڙن کي پسند ڪن ٿا، سُندر (خوبصورت) پڻ آھن، ۽ سُگھڙ آھن يعني گھر جي ڪم ڪار ۾ ھَٿ وَنڊائيندا (سھائتا، مدد ڪندا) آھن“

اھو پڙھي ناريءَ کي چَڪر (غش، مٿي کي چڪر) اچڻ لڳو، سوچيائين يا اللہ! (اي ڀڳوان!) اھڙا بہ مرد ھن جھان (دُنيا) ۾ اَڃآ آھن 

   (ھتان) مُڙِسُ وَٺي (خريدي)  ھُوءَ سوچڻ لَڳي تہ ھِتڙان 

۽ گھر ھَلي وَڃان،

پَر اڃا مَن (دِل) نہ مَڃيس تہ وري خيال آيس 

  تہ اَڃا ھڪ ماڙ مٿي ھلي آئي، 

ھِتي دروازي تي لِکيل ھُيو:

ھِن ماڙِ جا مُڙسَ ڌنڌي داڙي (روزگار) سان آھن، الله (ڀڳوان) وارا آھن، ٻارڙن کي پسند ڪندا تہ، ڏاڍا سُٺا ۽ سُھِڻا (خوبصورت) آھن ، سُگھڙ (گھر جي ڪمن ۾ مدد ڪندا آھن،   "آھن ۽ پِريمي (رومانٽِڪ) 

پڻ آھن

ھاڻي اِن ناريءَ (عورت) جي مَتِ (عقل) جواب ڏيڻ لڳي، ھوءَ خيال لَھڻ (سوچڻ) لڳي تہ ھِن کان بھتر مُڙس (مرد) ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھندو، پَر وري بہ سندس مَن کي شانتي نہ ملي ۽ اڳئين ماڙِ تي مٿي ھَلي آئي،

ھِتي بورڊ تي لِکيل ھُيو:

 توھان ھِن ماڙ تي چَڙھي ايندڙ 3338 ھين اِستري (عورت) آھيو! ھن ماڙِ تي ڪوبہ مُڙس وَٺڻ (خريدڻ) لاءِ ناھي! ھيءَ ماڙِ رُڳَو اُنڪَري ٺاھي وَئي آھي تہ جيئن ان ڳالھ جو ثَبوت ڏئي سگھجي تہ ناري (اِستري، عورت، زائفان) کي سنتشٽ (مطئمن) ڪرڻ رُڳو ڏُکيو (مُشڪل) ئي نہ پَر 👧😅😉😊ناممڪن پڻ آھي!

🙏🙏*اسانجي دُڪان (اسٽور) تي ڪَھي اچڻ لاءِ ڌنيواد (مھربانيون).. 

 👆 ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڏاڪِڻِيُون اڳيان آھن

تَتُ سبق/حاصل مطلب Summary:

 لالچ لوڀ ڏاڍي بُري بَلا آھي، بھتر کان بھتر جي جاکوڙ ڀلي ڪجي پر جيڪڏھن ڪُجھ بھتر ملي وَڃي تہ صبرشُڪر سان راضي رھجي، گھڻي لوڀَ بہ چَڱي ناھي ائين نہ ٿئي جو ھينئر جيڪا شيءِ ملي پئي سا وري مورڳو ملي ئي نہ، تنھنڪري جيڪا شيءِ ملي سا وڃايو نہ ان جو قدر ڪريو. 

(نوٽ: ھي ليک اردو اقتساب منجھان ورتل آھي جنھن ۾ تُتُ ڏنل نہ ھيو). 

سنڌيڪار: #ج_ا_ر

#JAR

 


Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar