آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان

آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان! سنڌيڪار ج ا ر


مُلان، پنڊت، پادي ھر ڀيري چوندا آھن تہ تقدير، قسمت، نصيب خدا (ڀڳوان، ايشور) جي ھٿ ۾ آھي. پيدائش ۽ موت جو وقت مقرر آھي، آزمائشون ۽ پريشانيون خدا جي طرفان اينديون آھن. خدا قادر مطلق (اومني پوٽينٽ  omnipotent) آھي ۽ ھر شيءِ جو علم رکندڙ عالم ڪُل (Omniscient) آھي. انسان گُناھ ڪري ٿو، پر ھر گناھ انسان جو انفرادي فعل يا عمل (ڪم) آھي ۽ اُن جي گناھ ۾ نيڪ خدا (Good God) جو ڪوبہ ھٿ يا مرضي ناھي، خدا ڪنھن کان گناھ ناھي ڪرائيندو، نڪي پاڻ گناھ (بَدي) ڪري سگھي ٿو، پر ھر انسان پنھنجي خواھشن کان مجبور ٿي گُناھ ڪري ٿو.
ھيٺ ٻہ مثال (تمثيل) پيش ڪجن ٿا، جنھن سان ھڪجھڙائي (ملندڙ جُلندڙ) رکندڙ واقعا اسان بار بار زندگيءَ ۾ ڏسندا رھندا آھيون.

1. جيڪڏھن خدا جي مرضيءَ کان بغير ھڪ پَتو بہ چُري نٿو سگھي تہ پوءِ جيڪو ماڻھو ڪوئي بہ گناھ (قتل، زنا، چوري وغيرھ) ڪري ٿو تہ ان ۾ خدا جي مرضي شامل ھُئي

2. ڪنول جي شادي گُلاب سان ٿي، گُلاب نشي جو عادي ھيو، ڪمائڻ بدران سڄو ڏينھن نشي ۾ ٻُڏل (دُت)  رھندو ھيو. ڪم ڪار، محنت مزدوريءَ سان سندس پَري تائين ڪو واسطو نہ ھيو. ڪنول جا ماءُ پيءُ سندس گھر جو خرچو ھلائيندا رھيا. نيٺ سندس (ڪنول جا) ماءُ پيءُ مَري ويا. ھاڻي ڪنول جي ھنج ۾ گُلاب جا چار ننڍڙا ٻالڪ (ٻارَ) ھيا. ھوءَ پنھنجي نڪمي مُڙس کان تنگ ٿي ڪري پاڻ پورھيو ۽ محنت مزدوري ڪري پنھنجي ٻچن کي پاليندي رھي. سندا وڏي ڌيءُ سنوبر ھڪ موذي مرض ۾ وٺجي (متبلا ٿي) وئي. ڪنول لٽ اُن جي علاج جي لاءِ ڏوڪڙ (پئسا) نہ ھُيا، ڌيءُ جي بيماري ۽ پنھنجي ھيڻائي (لاچاري) کان تنگ اچي، ھن ٻچن سميت پنھنجو انتُ آڻڻ (خودڪشي ڪرڻ) جو سوچيو پر پوءِ خودڪشيءَ کي گناھ سمجھي حالتن کي مُنھن ڏيڻ جو پُختو ارادو ڪيائين. جنھن وٽ ڪم ڪندي ھُئي، تنھن کان سنوبر جي بيئاريءَ جي علاج جي لاءِ پئسا اُڌارا گُھريائين، پئسا ملي ويا پر ڪنول کي پنھنجو جسم وڪڻڻو پيو. ھاڻي سندس پيٽ ۾ ھڪ اھٽي زندگي پلجي رھي ھئي، ھيڪا سندس مُڙس سان لاڳاپيل (واسطو رکندڙ، يا منسوب)  نہ ھُئي. ڪنول ھڪ ڌيءُ چنبيليءَ کي جنم ڏنو، ڪُجھ سال گذرڻ کانپوءِ سمدس مُڙس (گلاب) کي اُن ٻارڙيءَ جي ناجائز ھئڻ جي پروڙ (خبر) پئي. اُن ڪنول جي بدڪاري (بدچلني) تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪنول ۽ اُن جي ٻچن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اُن قتل جي ڏوھ (جرم) ۾ پاڻ ڦاسيءَ تي چڙھي ويو.

تقدير جو تصور (نظريو) چئي ٿو تہ تقدير خدا پاران لکيل آھي، ان تقدير بابت مختلف مذھبن ۾ مختلف تصورَ آھن، پر ھڪ ڳالھ تي سڀئي متفق آھن تہ پيدائش ۽ موت جو وقت خدا پاران مقرر (متعين) ٿيل آھي.
سوال اھو ٿو اُڀري تہ ڪنول جي شادي ھڪ اھڙي ماڻھوءَ سان ڇو ٿي، جيڪو نشي جپ عادي ھيو، ڇا اھو ڪنول جي تقدير ۾ لکيل ھيو؟

قادر مطلق (سڀ سگھ وارو Omnipotent) خدا جو مطلب آھي جيڪو ھر شيءِ تي قُدرت (اختيار) رکي ٿو، يعني سرشتيءَ (ڪائنات) ۾ ھڪ ڪَکُ پَن بہ نٿو سندس مرضيءَ بغير چُري سگھي. پَڪ سان ڪنول ۽ گُلاب جي شادي پڻ سندس (يعني خدا) مرضيءَ مطابق ئي ٿي ھُئي، ۽ جيڪڏھن سندس (يعني خدا) جي مرضيءَ جي اُبتڙ (برعڪس) ٿي تہ خدا قادر مطلق (سڀ سگھ وارو، اومني پوٽينٽ) سَڏائڻ جو حقدار ناھي،. ۽ جيڪڏھن ھو (خدا) سڀ سگھ رکندڙ (قادر مطلق) ۽ عالم ڪُل (سڀ ڄاڻ رکندڙ) آھي تہ اھا شادي بلڪل سندس (خدا) جي مرضيءَ جي مطابق ٿي، يعني خُدا ڄاڻي واڻي ڪنول کي ھڪ نشي باز مُڙس جي پلئي ٻَڌي ڇڏيو.

مذھبي سوچ مطابق اسان ان شاديءَ کي خدا جي طرفان موڪليل ھڪ  آزمائش چئي سگھئون ٿا. پر اصل مسئلا ان کان اڳيان شروع ٿين ٿا. ھاڻي ڪنول جي ڌيءُ سنوبر جي بيماري، مذھب مطابق بيماري ۽ صحت تُندرستي پڻ خدا جي ھٿ ۾ آھي. اسان سڀني ٻُڌو آھي تہ ”ٽندرستي ھزار نيمت آھي، ھيلٿ اِز ويلٿ“، ھاڻي جڏھن سنوبر کي بيماري آئي تہ پَڪ سان (يقينن) قادر مطلق خدا جي مرضيءَ سان آئي، پَر ڇا خدا ان بيماريءَ سان ڳنڍيل سمورن محرڪات يعني مجبورين کان بہ واقف (ڄاڻ رکندڙ) ھيو؟ ڇا ھو ڄاڻندو ھيو تہ ڪنول جي زندگيءَ ۾ ان سان ڇا طوفان پربا ٿيندو؟
عالم ڪُل خدا تي يقين رکندڙ ھڪ مذھبي شخص جو ھتي جواب ”ھا“ ۾ ئي ھُئڻ کَپي، ڇو تہ جيڪڏھن ھتي جواب ”نہ“ ۾ آھي تہ پوءِ اُن جو خُدا عالم ڪُل ۽ قادر مطلق ناھي.

Derived from Atheism – A Case Against God by George Hamilton Smith
سنڌيڪار #ج_ا_ر


Comments

  1. ڪائنات جي وجود جو انڪار اوھان دليل جي دائري کان
    .مٿي آھي
    باقي اوھان مٿان ذمه داري عائد ٿئي ته وجود جي ايجاد جي معقول وضاحت ڪيو
    وضاحت گمان ت نه هجڻ گهرجي

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar