انساني سماج جو هڪ انمول ڪردار رسول بخش پليجو

 انساني  سماج جو هڪ انمول  ڪردار رسول بخش پليجو 
ليکڪا :ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو

انسانن جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته روء زمين جي تاريخ ۾ ڪجھ اھڙا املھ انسان به پيدا ٿيا آھن جن نه صرف پنهنجي زندگي بدلائي پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ۽شناخت پيدا ڪئي پر پنهنجي سماج،ماڻھن،قوم ۽ هر مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي زندگي ۾ ھڪ نئون جوش ۽ جوت پيدا ڪئي۔

انهن املھ ماڻڪ موتين ۾ اسان جو رھبر سنڌ ۽ ايشيا جو عظيم ڏاھو رسول بخش پليجو پڻ نمايان حيثيت رکي ٿو.

سنڌ جھڙي پوئتي پيل،ننڍڙي ۽ اڪيلي سماج ۾ پليجو صاحب جھڙي منفرد ڪردار،جاکوڙي رھبر،ڏاهي ۽ فطرتا غير معمولي ماڻھوء جو پيدا ٿيڻ ھڪ وڏي خوشنصيبي آھي۔

پليجو صاحب نه صرف پاڻ پنهنجي مزاج ۾ غير معمولي ماڻھو هو پر هو غير معمولي شين،ماڻھن،شاعرن،اديبن،اڳواڻن ۽ معاشرن جو پڻ عاشق هو.ھر اها شيء جيڪا مختلف ۽ نرالي هجي پليجو صاحب کي پسند هئي.پليجو صاحب سچو انقلابي هر حال ۾ پنهنجي مقصد سان سچو رھڻ،ڪتابن سان بي انتها چاھ رکڻ پاڻ ته علم جو سمنڊ ھو پر پاڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪنن کي ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي هميشه پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي تلقين ڪندو رهندو هو۔

ادب،شاعري،موسيقي،عورتون، ٻار ۽ نوجوان پليجو صاحب جي جدوجھد جا مکيه پھلو ھئا.پليجو صاحب جي جدوجھد جو رنگ پنهنجي ٻين همعصر اڳواڻن کان نرالو آ جيئن لطيف جو رنگ نرالو آ ايئن ئي انقلابي تاريخ ۾ پليجو صاحب جي جدوجھد به ٻين همعصر اڳواڻن کان نرالي ۽ پراثر آھي۔

پليجو صاحب نه صرف مخصوص موقعن تي ماڻھوگڏ ڪيا پر ھن جھرجھنگ وڃي ماڻھن جي انقلابي تربيت پڻ ڪئي ۽ خاص ڪري عورتن جي نه ته جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا اتي جي عورتن ۾ سياسي شعور ۾ پيدا ڪرڻ هڪ وڏو عظيم ڪارنامو آھي.سنڌ جي ٻھراڙي جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون جيڪي ڪڏهن پنهنجن ڳوٺن کان ٻاھر نه نڪتيون ھجن انهن کي ڳوٺن مان کڻي قومي اسٽيج تي آڻڻ ۽ ايئن ڪيترن ئي سنڌ جي نياڻن کي قومي سڃاڻپ ڏيڻ پليجو صاحب جو ئي credit آھي۔

اڄ سنڌ ۾ جيڪي عورتون پنهنجي حقن لاء آواز اٿارن ٿيون،عورت مارچ،جلسا،جلوس ۽ آزادي جا مارچ ڪن ٿيون اها سڄي پليجو صاحب جي inspiration آھي ڇو ته سنڌ ۾ سڀ کان پهريان عورتن جي organised تنظيم سنڌياڻي تحريڪ ئي آھي جنهن سنڌ جي عورتن کي جدوجھد جي آسمان تي پهچايو۔

سنڌ جي عورت لاء پليجو صاحب وٽ تمام وڏو ڪينواس هو.هو سنڌ جي عورتن کي پاڻڀرو ۽ اوچو ڏسڻ چاهيندو هو. ھڪ دفعو مان  پليجو صاحب سان ملڻ D_10 تي ويس هن مونکان پڇيو ”تون ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي؟“ 

مون چيو اڃان ڪو نه؛مان IBA ۾ سي ايس ايس جي تياري پئي ڪيان انکانپوء ڏسنداسين۔

چيائين اها به ڪر پر ايل ايل بي ضرور ڪر ڇو ته مان چاهيان ٿو هي هڪ ڪوثر جج به ٿي،وڪيل به ٿي،استاد به ٿي، سي ايس ايس به ڪري،ڊاڪٽر به ٿي انقلابڻ به ٿي جدوجھدون به ڪري جھرجھنگ وڃي ماڻھو ميڙي شعر پڙھي وطن ۽ قوم لاء زندگي وقف ڪري ڇڏي۔ هي صرف هڪ ڪوثر جي ڳالھ نه آھي ڇو ته استاد انفرادي هڪ ماڻھو لاء نه پر سڀن ماڻھن لاء سوچيندو هو۔ 

 

سڌر سين سڱ ڪري پر کنڊين پياس

نه ته ڪير برهمڻ ڪن جي ڪهه ڄاڻي ڪيڻاس

هونئن نه سنڌ سياس هن پرين ڪيس پڌري.

 

پليجو صاحب سنڌ جو سج هو، پليجو صاحب سنڌياڻي جو سچ ھو،اڄ جڏهن مان استاد لاء لکان پئي ته لفظ ساٿ نه پيا ڏين شايد مان ڪڏهن ان تي ڪجھ وڌيڪ بهتر لکي سگھان ڇو ته هينئر منهنجي دل درد سان ڀرجي وئي آ،اسان جو رهبر مخلص،جاکوڙي،مهربان ۽ شفيق انسان هو. ان جي واٽ ۽ لاٽ ھميشه ٻرندي رهندي انجي ورن وڪڙن واري،اڙانگي ۽ مسلسل جدوجھد هميشه جاري رهندي۔۔

اڄ پليجو صاحب جي وڇوڙي جي ڏينهن تي استاد سان ڪيل وچن هنن لفظن ۾ ورجايون ٿا۔

 

شڪست موت کي ڏيون

الوٽ مست ٿي جيئون

قضا تي ٽھڪ ڏئي کلون،


جي هي آسمان لڏي ته ڇا

جي هي زمين ڌڏي ته ڇا

رکون ٿا بي ڊپيون دليون،


اسان جو عزم آ تيزرو

متان لتاڙجي پئو

ھٽي وڃو اي منزلون،


جھان جو غم ڪريون ڪٺو

بخاري کي ته سڏي وٺو

مچائجن ڪي محفلون،

وڌي اچو اي مشڪلون

ته شوق سان ڳلي ملون۔۔۔۔۔۔۔


رسول بخش پليجو جي مختصر سنواح

عوامي تحريڪ جو باني ۽ چيئرمين، مارڪسي اڳواڻ ۽ ليکڪ هو. پليجو 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پليجو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ، انساني حقن جي باري ۾ سنڌ ۾ چوٽيءِ جو وڪيل پڻ هو 

رسول بخش پليجو، ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي، ٺٽي ۾ 21 فيبروري 1930ع تي پيدا ٿيو.  هن شروعاتي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪيائين. هن قانون جي سند، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي

پليجو سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جو سخت مخالف هو، هي عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ متحده محاذ، سنڌ قومي اتحاد، بزم صوفيا سنڌ، پونم، سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هو، هي عوامي تحريڪ، سنڌي هاري ڪميٽي، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، پاڪستان جمهوري اتحاد جو باني اڳواڻ هو


رسول بخش پليجو جي سنواح وڌيڪ پڙھو، سنڌي وڪيپيڊيا تي ۽ ھتي انگريزي وڪيپيڊيا تي پڙھو  




 


Comments

Popular posts from this blog

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن لکجي

بھتر فريلانسر ھجڻ لاءِ 20 قيمتي صلاحيتون جيڪي توھان (مفت ۾) سکي سگھو ٿا

Rich Dad Poor Dad book review and synopsis by JogiAsadRajpar