فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي ج ا ر
فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي، ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائجي فريلانسر يا فريلانسگ ڇا آھي ڀاڱو پھريون دُنيا جي ڪيترن ئي ڏِيھَن (مُلڪن) ۾ فريلانسنگ گھڻو اڳ رائج ٿيل آھي ۽ ڪيترائي ھنرمند ماڻھو پنھنجو پورھيو کي پنھنجي مرضي مطابق سولائي واري وقت ۾ ڪري پئسو ڪمائي رھيا آھن. اسان وٽ خاص طور انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪم ويجھر جي ڪجھ سالن ۾ شروع ٿيو آھي، انڊيا ۽ پاڪستان ان ڪم جي فھرست وارن مُلڪن ۾ ٽاپ ٽين مُلڪن ۾ پڻ شامل آھن. اچو ته ھاڻي اھو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته فريلانسنگ ڇا آھي، ڪھڙا ھنر سِکي اھو ڪم ڪري سگھجي ٿو ۽ ان وسيلي پئسو ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿو. فريلانسنگ آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ کي سڏجي ٿو فريلانس جي ڪم ۾ توھان پنھنجا باس پاڻ آھيو، توھان 24 ڪلاڪ منجھان پنھنجي مرضيءَ واري وقت ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ ڪم ڪري سُٺو پئسو ڪمائي سگھو ٿا ۽ باقي بچيل وقت پنھنجي ڪُٽنب ( فيملي ) کي ڏئي يا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھو ٿا، ڪُجھ ماڻھو جيڪي باقائدي سان 9 کان 5 بجي تائين ملازمت ڪن ٿا اھي پڻ فريلانسگ ڪندا آھن پر گھڻي ريت فريلانس ڪم ڪندڙ 9 کان 5 وڳي تائين واري نوڪري ناھين ڪندا. سنڌي ٻولي ۾ ھن قسم جي معلومات توھان کي پڙھڻ لاءِ سڦا گھ...