Posts

سام دام ڏنڊ ڀيد جو ارٿ ڇا آھي

Image
  جوڳي اسد راڄپر سام دام ڏند ڀيد [साम दाम दंड भेद] جي  معنيٰ ڇا آهي؟ 1.سام साम [مشورو ڏيڻ يا سمجھائڻ] (سمجھائِڻُ، سرچاءُ ڪرڻ، يا ٺارڻ، اَڻ-اڳرائي وارو ٺاھ، سيکارڻ) چانڪيا جي پهرين سفارتي اصول سام جو مطلب آهي ڀائپي، سرچاءُ، اَڻ ـ اَڳرائي وارو ٺاھ، سکيائن جي وسيلي پنھنجا ويچار پڌرا ڪرڻ. اهو نيتي (اصول) ڪنهن به مسئلي جو اُپاءُ ڳالهين ذريعي يا پرشانت ڳالهين ۽ گڏجاڻين وسيلي ڪڍي سگهي ٿو. اهو چانڪيا جو پهريون سفارتي اصول آهي جيڪڏهن اهو ڪم اچي تہ توهان ٻيون نِيَم کڻو جيڪو هيٺ ڏنل آهي. پاليسي جو استعمال مشوري، سمجھائڻ يا پرامن ڳالهين يا نبيري  ذريعي ڪيو ويندو آھي. 2. دام दाम [خريد ڪرڻ يا رشوت ڏيڻ] سوکڙي پاکڙي ، رشوت ، پئسو ، ورڇ ، ڪشش چانڪيا جي ٻئين سفارتي نِيَم دام جو مطلب آهي پئسو ڏوڪڙ، زيور، ملڪيت، سُوکڙي يا ڪنهن به لوڀ يا ڪشش جي ذريعي ڪنهن کي رشوت ڏيڻ، جڏھن پھريون نيم ڪم نٿو اچي تہ اها لوڀ يا ڪشش توهان جي مسئلن جو حل پراپت ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلي طور ڪم ڪري ٿي.  پئسي، ملڪيت، لوڀ، يا ڪشش جي ڪنهن به وسيلو ذريعي ڪم ڪرڻ لاءِ پاليسي استعمال ھيٺ ايندي آهي. 3. ڏنڊ दंड [سزا ڏيڻ يا ...

مھان گيٽسبي

Image
  ڪھاڻي مھان گيٽسبي |سنڌيڪار: جوڳي اسد راڄپر مھان گيٽسبي مهان گيٽسبي کي سائي روشني ۾ يقين ھوندو ھيو. ھو روزانو شام جي پَھر ۾ پنھنجي محل جي سامھون نديءَ جي ھِن پارِ وار جيٽيءَ تي بيھي نديءَ جي ھُن پارِ پُراڻي امير ايسٽ ايگ ۾ اُن حويلي جي سائي روشنيءَ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو جنھن ۾ ڊيزي رھندي ھئي، ھو تيستائين جيٽيءَ تي بيٺو رھندو ھو جيستائين اُھا سائي بَتي ٻرھندي رھندي ھئي، ھو تيستائين نظر ٽِڪائي ان لائٽ ڏانھن نھاريندو رھندو ھو. اتفاقاََ ڊيزيءَ جو ڪزن مسٽر ڪاراوي گيٽسبيءَ جو پاڙيسري ھيو، جنھن کي پنھنجي محل جي بالڪونيءَ مان گيٽس بي ڏسندو ھيو، ان ڏينھن نديءَ جي ڪناري دل لڀائيندڙ پَرين جي ٻوڏ لٿي ھئي جن کي ڪاراوي ڏسي رھيو ھو تہ ھن ڏٺو تہ ان قلعي نما ديوارن مان، ان حويليءَ مان ھن ڏانھن حويليءَ جو مالڪ نھاري رھيو ھو، ھو سندس پاڙيسري ھيو. ھڪ شام مسٽر ڪاراوي جڏھن گھر آيو تہ ھن ڌيان ڏنو تہ ھڪ آڪرتي اُڀري آھي سندس پاڙيسريءَ جي کڙڪيءَ تي ۽ ھن کي لڳو تہ اھو مسٽر گيٽسبي ھو، ھُو ڪنھن شيءَ ڏانھن پھچي رھيو رھيو ھو ھوڏانھن اوندھ ۾، اھا سائي روشني ھئي.   مسٽر ڪاراوي ڊيزي جو ڪزن 1922ع ج...

کامریڈ نظیر قریشی

Image
  کامریڈ نظیر قریشی مرکزی صدر سندھی عورت تنظیم تحریر : جوگی اسد راجپر                     کامریڈ نظیر قریشی    نے  سن 1951   میں ننگر ٹھٹہ شہر میں جنم لیا. وہ ایک سیاسی رہنما، سماجی کارکن اور مصنفہ ہیں. انہوں نے 8 کلاس تک ننگر شہر ٹھٹہ میں آخوند رابیہ اسکول سے  تعلیم  حاصل کی اور میٹرک حیدرآباد بورڈ سے اے ون   گریڈ میں پاس کی. کسی بھی ظلم کے سامنے کبھی ہار نہ ماننے والی کامریڈ نذیر قریشی دوسری خواتین کے لئے مشل راہ ہیں.  وہ  بچپن سے ہی ضدی، اور باغی طبیعت رکھتی تھیں. جب بھی ان سے کوئی ناانصافی یا حق تلفی   ہوتی   تھی تو اپنے بنیادی حقوق حاصل کرنے کے لئے سراپہ احتجاج بن کے اپنا احتجاج نو ٹ  کراتی تھیں. جس کی وجہ سے گھر کے افراد ان سے خفا رہتے تھے.    لڑکیوں کے لئے تعلیم حاصل کرنا بڑا جرم سمجھا جاتا تھا، اس دقیانوس ماحول میں بھی انہوں نے میٹرک اے ون گریڈ میں پاس کی .        ان کے حریت پسندانہ روئیے کی وجہ سے انکی ماں نے گھر ...

شادي وھانءُ رشتن ڪرڻ ۾ دير جا ڇا ڪارڻ آھن

Image
* ٿورو سوچيو * * نياڻين کي پنھنجي مرضيءَ سان #شادي نه ڪرائڻ جو ڏوھ زنده دفنائڻ کان گھٽ ڪونھي ۔  نياڻين کي نه رڳو پڙھائي ھنن کي تعليم ۽ شعور سان روشناس ڪرايو، پر ان سان گڏوگڏ  شادي جي رسمن رواجن کي برقرار رکندي ھنن جي راءء،  پسند ۽ ناپسند  پڇڻ ۽ ٻڌڻ  شفيق پيءُ ۽ ماءُ جو فرض ھجڻ گھرجي۔ * * ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري مائرُن کي سوچڻ کپي تہ سندن لاڏليون 18،19،20،21،22،23،24،25،26،27،28،29،30 31 سال جون جوڀن جواني واري ڄمار ۾ داخل ٿي چڪيون آھن اھو ئي درست وقت آھي تہ سندن لاءِ ڪو سُٺو، سلڇڻو، پڙھيو لکيو ڇوڪرو ڳولھين يا جيڪڏھن سندن نياڻين جي نظر ۾ ڪو اھڙو آھي تہ انھن کان پڇا ڪن، ڇوڪرين ۽ انھن جي مائٽن کي ھڪٻئي سان دوستاڻو ماحول ٺاھڻ کپي ۽ اھڙي ڪا ڳالھ ھڪٻئي کي ٻُڌائڻ ۾ ڪابہ ھٻڪ نہ ڪرڻ کپي، ڇوڪرين جي مائٽن خاص ڪري امڙين ۽ ڇوڪرين کي پڻ سوچڻ کپي تہ ريڊي ميڊ مال دولت وارو ڪير بہ ناھي ھوندو، اڪثر ڇوڪرا سيلف ميڊ پڻ ھوندا آھن، تنھنڪري جيئن ئي ڪو رشتو توھان جي نياڻي لاءِ اچي تہ انھن ک ست اَٺ مھينن يا سال جا سال انتظار نہ ڪرايو جيترو جلد ٿي سگھي پنھنجي نياڻي لاءِ شادي جو آيل پروپ...

آن لائن سنڌي ڊڪشنريون، ڪي بورڊ ۽ ٻيا ڪارائتا وسيلا

Image
What tools I utilize to translate content from English to Sindhi vice versa #SindhiTranslations, #GoogleTranslate, #SindhiDictionary, #SindhiKeyboard, #Translations, #Transliterations, #Helpcontent,  #SindhiLanguageEngineering, #SindhiLanguage, #SindhiWikipedia, #SindhiWiktionary, #JogiAsadRajpar, #JAR, #SindhiWikimedians انگريزي کان سنڌي، سنڌي کان انگريزي ترجميڪاري ڪرڻ مھل آئون ڪھڙا اوزار (ذريعا) استعمال ڪندو آھيان.    مانوارا پيارا سنڌي ساٿيو،   جيئي سنڌ، جيئي لطيف، جيـئي جھولي لعل، جيئي سنڌيت، جيئي سنڌي ٻولي، جيئي سنڌي لِپي. اسلام عليڪم، نمسڪار، رام رام، ھري اوم.  جيئن تہ آئون #گوگل_ترجمو کي بھتر ڪرڻ، #وڪيميڊيا_ڪامنز، #ميٽا-وڪي، سميت ٻين وڪيز وغيرھ تي سانچن، ماڊيولز، پيجز وغيرھ جي متن، جملن، ۽ لفظن کي #انگريزي مان #سنڌيءَ ۾ #ترجمو ڪندو رھندو آھيان، ان لاءِ آئون مختلف آن لائن ذريعا استعمال ڪندو آھيان، توھان کي پڻ اھا ڄاڻ ڏيڻ چاھيان ٿو صرف ان سُٺي نيت سان Assuming a good faith تہ جيئن توھان پڻ ان طريقي ڪار جي پيروي ڪري، سنڌي انگريزي، انگريزي سنڌي ترجميڪاري...

تجربي کانسواءِ جاب يا انٽرنشپ ڪيئن حاصل ڪجي

Image
تجربي کانسواءِ نوڪري ڪيئن ماڻجي؟  How to get a job without experience?  جڏھن ڪوبہ اميدوار ڪنھن نوڪري (ملازمت/جاب) لاءِ ڪوشش ڪري تہ کيس کان گھربل تعليم، ھنر (اسڪلز) ۽ تجربو گھريو ويندو آھي.  ھڪ عام اميدوار کي نوڪرين ۾ درخواست ڏيڻ وقت جيڪو وڏو مسئلو پيش اچي ٿو سو ھوندو آھي تجربو، ھاڻي تعليم  ۽ ھنر (اسڪلز) تہ تعليمي ادارن يا آن لائن وسيلن منجھان ماڻي سگھجن ٿيون پر تجربو ڪٿان آڻجي؟ ان سوال جو حل جيسيتائين حڪومت، تعليمي ادارا ڪڍن تيسين اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پاڻ ان جا متبادل حل ڳولھين.  حڪومت صنعتن کي پابند بڻائي تہ اھي تعليمي ادارن ۾ فارغ ٿيل ۽ آخري سال ۾ پڙھندڙ شاگردن، شاگردياڻين کي سيکڙاٽ (انٽرنشپ تحت انٽرني) طور ڀرتي ڪن ۽ تعليمي ادارا پڻ صنعتن سان اھڙا ٺاھ (معاھدا) ڪن.   جيڪڏھن اميدوار تجربو نہ ھئڻ سبب پنھنجي لاڳاپيل پسند جي شعبي ۾ روزگار ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رھيا آھن تہ انھن  اميدوارن کي گھرجي تہ ھو پنھنجي پسند جي شعبي ۾ رضاڪار (والنٽئر Volunteer) طور خدمتون آڇين. انھيءَ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪرڻ سان توھان کي اھو فائدو رسندو تہ توھان کي حقيقي زندگي ۾ ڪ...

يوناني ڏندڪٿا ڪردار پروميٿيئس

Image
يوناني ڏند ڪٿائن ۾ انسان کي بڻائيندڙ ھڪ عظيم ڪردار پروميٿيئس ليکڪا : ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو  پروميٿيئس انسان کي ٺاهيندڙ ھڪ عظيم هيرو هو.ديوتائن ۽ ٽائٽن  Titan جي جنگ کانپوء زويس (ديوتا) ڌرتيء تي جيوت/زندگي پيدا ڪرڻ جي ذميواري پروميٿيئس ۽ ايپيٿيئس کي ڏني ۔ اهي ٻئي ڀائر هئا جن جو تعلق ٽائٽن خاندان سان هو. ٽائٽن ۽ ديوتائن جي جنگ ۾ انهن  ڀائرن ديوتائن جو ساٿ ڏنو۔  ان جي ڪري زويس انهن کي مائونٽ اولمپس ۾ رھڻ جي اجازت ڏني  ۽ ٻين سڀني ٽائٽنس کي ڌرتيء جي گهراين ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۔ى زويس کي خبر هئي ته اهي ٻئي ڀائر تمام وڏا ڪاريگر آھن  ۔ ان جي ڪري ئي هن ڌرتيء تي زندگي بڻائڻ جي ذميواري انهن ٻنهي ڀائرن کي ڏني ۔ ايپيٿيئس وڏي سمجهداري سان ڌرتيء تي سڄا جيت, جڻا، پکي پکڻ ۽ جانور ٺاهيا  ۽ وڏي سمجھداري سان انهن کي هڪ الڳ خوبي ڏني , جنهن ذريعي هو زمين تي پيدا ٿيندڙ ھر خطري کي اڪيلي ئي منهن ڏئي سگھن پر ايپيٿيئس انهن سڀني جاندارن جو دماغ تمام گھٽ رکيو ؤىٻئي پاسي پروميٿيئس صرف هڪ ئي جاندار انسان ٺاهيندو آھي ۽ پنهنجو سڄو وقت انسانن کي ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آھي ۔ پروميٿيئس انسان کي تم...

مڙس وڪرو لاءِ

Image
* مُڙس وڪرو لاءِ * بازار ۾ ھڪ نئون دُڪان کُليو ھيو، جِتي مُڙس وِڪرو ڪيا ويندا ھُيا، اُنَ ھَٽَ (دُڪان) جي کُلڻ سان ئي زائفائن (نارين، اِسرتين، عورتن) جو ھُجوم بازار ڏانھن ھَلي پيو، سڀئي دُڪان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بي چين ھُيون  دُڪَانَ جي داخلي دَرَ وَٽِ تخطي (بورڊ) تي ڪُجھ * ھِدايَتُون ۽ شَرِطُون * لِکِيَل ھُيون :   ھِن دُڪان ۾ ڪا بہ اِستري (#عورت) يا ناري (ڇوڪري) رُڳو ھڪ ڀيرو ئي داخل ٿي سگھي ٿي، ھي دُڪان ڇَھن ماڙين (منزلن)  تي پکڙيل آھي ۽ ھر ماڙِيءَ (منزل) تي مُڙِسالن (گھوٽَنِ) جي قِسمَن بابت ڳُڻَ (خاصيتون، فيئچرز) لکيل آھن. خريدار عورت ڪنھن بہ ماڙِيءَ تان مُڙِسَالو (گھوٽَ) جي چُونڊ ڪري سگھن ٿيون   پَر ھِڪُ ڀِيرَو مَٿِي وڃَڻ کانپوءِ ٻيھَر ھيٺِ نٿي اچي سگھي سواءِ ٻاھر نِڪرڻ جنھن لاءِ دَروازو اڳيان ملندو   ھُجومَ مان ھِڪَ سُھِڻي (خوبصورت) ناري (ڇوڪري) ءَ کي دُڪانَ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مِلي ويو سا ھَلَندي وئي ۽ ڏِٺو تہ  پَھرئين ماڙِ (منزل) جي دَر تي لکيل ھُيو   “ جا مُڙِسَ سُٺي روزگار وارا ۽  (اللہ، ڀڳوان) جا نيڪ ٻانھا آھن  ھن ماڙِ   ” *...

آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان

Image
آئون خدا کي ڇو نٿو مڃان! سنڌيڪار ج ا ر مُلان، پنڊت، پادي ھر ڀيري چوندا آھن تہ تقدير، قسمت، نصيب خدا (ڀڳوان، ايشور) جي ھٿ ۾ آھي. پيدائش ۽ موت جو وقت مقرر آھي، آزمائشون ۽ پريشانيون خدا جي طرفان اينديون آھن. خدا قادر مطلق (اومني پوٽينٽ  omnipotent) آھي ۽ ھر شيءِ جو علم رکندڙ عالم ڪُل (Omniscient) آھي. انسان گُناھ ڪري ٿو، پر ھر گناھ انسان جو انفرادي فعل يا عمل (ڪم) آھي ۽ اُن جي گناھ ۾ نيڪ خدا (Good God) جو ڪوبہ ھٿ يا مرضي ناھي، خدا ڪنھن کان گناھ ناھي ڪرائيندو، نڪي پاڻ گناھ (بَدي) ڪري سگھي ٿو، پر ھر انسان پنھنجي خواھشن کان مجبور ٿي گُناھ ڪري ٿو. ھيٺ ٻہ مثال (تمثيل) پيش ڪجن ٿا، جنھن سان ھڪجھڙائي (ملندڙ جُلندڙ) رکندڙ واقعا اسان بار بار زندگيءَ ۾ ڏسندا رھندا آھيون. 1. جيڪڏھن خدا جي مرضيءَ کان بغير ھڪ پَتو بہ چُري نٿو سگھي تہ پوءِ جيڪو ماڻھو ڪوئي بہ گناھ (قتل، زنا، چوري وغيرھ) ڪري ٿو تہ ان ۾ خدا جي مرضي شامل ھُئي 2. ڪنول جي شادي گُلاب سان ٿي، گُلاب نشي جو عادي ھيو، ڪمائڻ بدران سڄو ڏينھن نشي ۾ ٻُڏل (دُت)  رھندو ھيو. ڪم ڪار، محنت مزدوريءَ سان سندس پَري تائين ڪو واسطو نہ ھيو. ڪنول جا ...

انساني سماج جو هڪ انمول ڪردار رسول بخش پليجو

Image
  انساني  سماج جو هڪ انمول  ڪردار رسول بخش پليجو   ليکڪا :ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو انسانن جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته روء زمين جي تاريخ ۾ ڪجھ اھڙا املھ انسان به پيدا ٿيا آھن جن نه صرف پنهنجي زندگي بدلائي پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ۽شناخت پيدا ڪئي پر پنهنجي سماج،ماڻھن،قوم ۽ هر مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي زندگي ۾ ھڪ نئون جوش ۽ جوت پيدا ڪئي۔ انهن املھ ماڻڪ موتين ۾ اسان جو رھبر سنڌ ۽ ايشيا جو عظيم ڏاھو رسول بخش پليجو پڻ نمايان حيثيت رکي ٿو . سنڌ جھڙي پوئتي پيل،ننڍڙي ۽ اڪيلي سماج ۾ پليجو صاحب جھڙي منفرد ڪردار،جاکوڙي رھبر،ڏاهي ۽ فطرتا غير معمولي ماڻھوء جو پيدا ٿيڻ ھڪ وڏي خوشنصيبي آھي۔ پليجو صاحب نه صرف پاڻ پنهنجي مزاج ۾ غير معمولي ماڻھو هو پر هو غير معمولي شين،ماڻھن،شاعرن،اديبن،اڳواڻن ۽ معاشرن جو پڻ عاشق هو.ھر اها شيء جيڪا مختلف ۽ نرالي هجي پليجو صاحب کي پسند هئي.پليجو صاحب سچو انقلابي هر حال ۾ پنهنجي مقصد سان سچو رھڻ،ڪتابن سان بي انتها چاھ رکڻ پاڻ ته علم جو سمنڊ ھو پر پاڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪنن کي ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي هميشه پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي تلقين ڪندو رهندو هو۔ ادب،شاعري،موس...